مراد شاهه امريڪا روانو، شيري مزاري جي طنز

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وڏو وزير مراد علي شاهه علاج لاءِ اوچتو آمريڪا روانو ٿي ويو آهي. استعيفائن جمع ڪرائڻ واري مرحلي ۾ سندس اوچتو امريڪا روانگي نوان بحث ڇيڙي ڇڏيا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته وڏو وزير مراد علي شاهه علاج خاطر امريڪا ويو آهي، وفاقي وزير شيرين مزاري، وڏي وزير جي امريڪي دوري تي تبصرو ڪندي چيو آهي ته مراد علي شاهه ذاتي ايجنڊا تي امريڪا ويو آهي، لڳي ٿو مستقبل ۾ امريڪا رهڻ جي تياري پيو ڪري، ڪورونا جي صورتحال ۽ پارٽي طرفان استعفائون گهرڻ دوران مراد علي شاهه جي امريڪا وڃڻ سان سوال پيدا ٿين ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو