مدي خارج زرعي دوائن جو ڊي سي پاران نوٽيس،جاچ جو حڪم

ميرپور ماٿيلو(ظھير وسير) پيسٽيسائيڊ  جي دوڪان تان مدي خارج زرعي دوائون هٿ اچڻ واري مامري جو ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي محمد خالد سليم نوٽيس وٺندي اسسٽنٽ ڪمشنر ميرپور ماٿيلو کي هدايت ڪئي آهي ته سموري معاملي جي جانچ ڪري تفصيلي رپورٽ فراهم ڪئي وڃي. جڏهن ته زراعت کاتي جي آفيسرن کي رڪارڊ سميت سومر ڏهاڙي طلب ڪري ورتو آهي. ان سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر جو چوڻ آهن ته مدي خارج ۽ جعلي زرعي دوائن سبب زراعت کي ڪاپاري ڌڪ لڳي ٿو جنهن سبب آبادگار مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن انڪري اهڙي صورتحال ڪنهن به ريت برداشت ڪرڻ جوڳي ناهي. هن چيو ته ضلعي ۾ غيررجسٽر پيسٽيسائيڊ دوڪانن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. ان کان اڳ آبادگارن جي شڪايتن بعد زراعت کاتي پاران زرعي دوائن جي ڊيلرن جي گدامن تي ڇاپو، ڪيترا ڊيلر ڀڄي ويا، مدي خارج دوائون هٿ، آفيسر جوڙ توڙ م رڌل.  ضلعي گهوٽڪي جي آبادگارن کي ڪنگال بڻائيندڙ ڊيلرن جون وڏي مقدار ۾ مدي خارج زرعي دوائون پڪڙيون ويون آهن. ڀٽائي چوڪ ڀرسان دوڪانن ۽ گودامن مان مختلف ڪمپنين جن ۾ ڊالر، ايريو، سنهري ۽ پرنس ڪمپنيون شامل آهن تن  جون مدي خارج زرعي دوائون هٿ ڪيون ويون. مدي خارج دوائون استعمال ڪرڻ سبب هڪ پاسي جيتن تي ڪنٽرول نٿو اچي ٻئي پاسي فصل سڙي وڃن ٿا. آبادگارن پاران دوڪان تي پهچي احتجاج بعد ڀانڊو ڦاٽي پيو، زراعت کاتي جا عملدار به پهتا. زرعي دوائن جي چڪاس بعد سموريون دوائون جعلي ۽ مدي خارج مليون، زراعت کاتي جا عملدار عبيد کهاوڙ ۽ نظام الدين ڪلوڙ ڏيتي ليتي ذريعي معاملو حل ڪرڻ ۾ مصروف آهن. ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب زراعت کاتي جي ملي ڀڳت سان خانڳڙهه، جروار، عادلپور، اوٻاوڙو،  سرحد سميت ضلعي جي هر شهر ۾ مدي خارج دوائون وڪرو ٿيڻ لڳيون آهن. مدي خارج دوائن جا ليبل به تبديل ٿيندا رهن ٿا، سوين آبادگارن کي ڪاپاري ڌڪ، ضلعي انتطاميه کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو، ذميوار ڊيلرن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو