مدرسي ۾ طالب سان زيادتي، مولوي تي ساڍا 11 لک ڏنڊ

غوثپور(عبدالنبي ملڪ) مدرسي جي مولوي رحمت الله اوڳاھي طرفان پنڌرھن ورھين جي معصوم نينگر امتياز نندواڻي سان ڪيل مبينه ڏاڍائي جو نبيرو ڳوٺ جمال نندواڻي ۾ مقدم اقبال نندواڻي جي سر پئنچي ھيٺ ٿيو۔ نبيري ۾ الزام ھيٺ آيل مولوي رحمت الله اوڳاھي تي ڏوھ ثابت ٿيڻ تي مٿس ساڍا يارنھن لک روپيه ڏنڊ وجھي ڌرين کي کير کنڊ ڪيو ويو۔ ڏنڊ جي رقم مان پنجاھ ھزار روڪ ٿڏي تي ادا ڪيا ويا ۽ بقايا رقم ٽن مھينن ۾ متاثر ڌر کي ادا ڪئي ويندي۔ ٻئي پاسي الزام ھيٺ آيل مولوي رحمت الله ميڊيا کي فون ڪري ٻڌايو ته نينگر جا الزام بي بنياد آھن۔ مونکي ھڪ سازش تحت ڦاسايو ويو آھي۔ نينگر مدرسي ۾ چوريون ڪندو ھو۔ هي واقعوھڪ ھفتو اڳ ڊگري ڪاليج واري علائقي ۾ واقع مدرسي ۾ پيش آيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو