مخدوم جليل الزمان نيب هٿان ڪراچي ۾ گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) هالا جي اڳوڻي تعلقي ناظم مخدوم جليل الزمان کي نيب مبينه ڪرپشن الزام ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي. هو پيپلز پارٽي جي مرحوم اڳواڻ مخدوم امين فهيم جو فرزند آهي. نيب جو چوڻ آهي ته هن جي سالي جي نالي ڪراچي جي ڊفينس واري علائقي ۾ فليٽ جي خريداري جي رقم اڪائونٽ آفيسر ادا ڪئي هئي. هن خلاف انڪوائري هئي کيس 4 سيپٽمبر تي طلب ڪيو ويو هو پر هو پيش نه ٿيو. هن 2015 ۾ فليٽ خريد ڪئي جنهن جي رقم اڪائونٽنٽ مشتاق شيخ ادا ڪئي هئي. نيب جو چون آهي ته وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو