ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ وقفي وقفي سان برسات ۽ هوائون گهلڻ جو سلسلو جاري آهي جنهن سبب مئي جهڙي گرم مهيني ۾ به موسم خوشگوار ٿي وئي آهي. بجلي ۽ مواصلات جو نظام متاثر ٿيو آهي. ڪجهه علائقن ۾ وڻن جا ڏار ڀڄي پيا آهن، ڪکائن گهرن جون ڇتيون ۽ سائن بورڊ پٽجي ويا آهن. ٽن ڏينهن کان هلندڙ بارش سبب ڪيترن علائقن ۾ جتي واهن جو پاڻي ناهي پهتو، برسات سبب رجي ويل زمينن ۾ هر ڪاهڻ شروع ڪيا آهن ۽ وونئڻن جي پوکيل فصل کي قدرتي پاڻي ملي ويو آهي. زرعي ماهرن جو چوڻ آهي ته انهن علائقن م ڪجهه ڏينهن بعد گند گاهه ڦٽندو. کپرو مان خادم سروري موجب مٽي جو طوفان آيو ۽ برسات شروع ٿي وئي. نوشهروفيروز مان مشتاق حسين مري موجب تيز بارش سبب موسم بهتر ٿي وئي آهي پر بجلي غائب ٿي وئي آهي. داد لغاري مان باقر پتافي موجب گذريل رات ڪينجهر پتافي ڳوٺ ۾ امير بخش جي ڪچي اوطاق مٿان وڄ ڪرڻ سبب ڀت ڏري وئي آهي ۽ پاسي ۾ بيٺل ٻير جي وڻ کي چير لڳي ويو آهي پر ڪو به جاني نقصان ناهي ٿيو. جروار، خانپور مهر ۽ آس پاس جي علائقن مان پڻ بارش جو اطلاع آهي. برسات دوران روڊ حادثن ۾ ڪجهه ماڻهن جي زخمي ٿين جا پڻ اطلاع آهن. نوابشاهه، سڪرنڊ، ڪوٽڙي ڪبير، ٺارو شاهه، شاهپور چاڪر، ٽنڊو ڄام، ڄام نوز علي، سکر، پنو عاقل مان به برسات جا اطلاع مليا آهن.
ٽيڪس وصولي ۾ ناڪامي، وڏي وزير جي سخت ڪاوڙ
ٻار ڄڻڻ ۽ ماءُ بڻجڻ وارن تجربن بابت زارا نور ڇا ٿي چوي؟
جاپاني شهرين تي حملي جي ابتدائي جاچ ۾ اهم پيش رفت
علامه ايڪسپريس جي انجڻ کي باهه لڳي وئي
بارش سبب 3 ڏينهن دبئي ۾ ڦاٿل ڪرڪيٽر آمريڪا پهچي ويا
يوڪرين پاران روسي جنگي جهاز تباهه ڪرڻ جي دعويٰ
ٽرمپ جي عدالت ۾ حاضري وقت هڪ شهري جي خود سوزي
اڄوڪي-اخبار-2024-04-20
اڄوڪي-اخبار-2024-04-20
خط مامرو: هاءِ ڪورٽ جي سڀني ججن کان تجويزون طلب
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
عالمي واٽر سمٽ ۾ گورننس کي بهتر ڪرڻ تي زور
ٽي ايل پي بابت رپورٽ صوبائي حڪومت سان شيئر نه ڪئي وئي
پشاور ۽ بلوچستان جي چيف جسٽسز جي نالن جي منظوري
دهشتگردن سان ڳالهيون نه ٿينديون، تارڙ جو پاليسي بيان
آءِ ايم ايف پاران مختصر مدي وارو پروگرام وٺڻ جي صلاح
بلوچستان جي 14 رڪني ڪابينا حلف کڻي ورتو
ڪينيا جو آرمي چيف ڏهه آفيسر سميت اجل جو شڪار
خصوصي سيٽن وارن ميمبرن کان حلف وٺڻ جو حڪم
حدبندي جو تڪرار ، پينو فقير عدالت پهچي ويا