مختلف شهرن ۾ سياسي ۽ سماجي اڳواڻن پاران راشن تقسيم

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ لاڪ ڊائون سبب غريب مزدور ۽ ڏهاڙيدار ماڻهو تنگ ٿي پيا آهن. 12 ڏينهن گذرڻ بعد به سنڌ حڪومت انهن جي امداد لاءِ ڪجهه ناهي ڪيو. مختلف شهرن ۾ مخير ماڻهن ۽ نوجوان سماجي ڪارڪنن ۽ فلاهي تنظيمن پاران امدادي سرگرميون جاري آهن. *** ٽنڊو غلام حيدر مان مير حسن رند موجب انساني همدردي رکندڙ نوجوانن محمد صديق سومرو؛ کمن لاکو؛ ارباب پپو ورياه؛عمر سومرو ۽ عبدالرزاق سومرو پاران مختلف جڳهن تي وڃي ڪري غريب مسڪين ماڻهن ۾ راشن تقسيم ڪيو ويو.

*** وارث ڏنو ماڇي مان آصف نوناري موجب آل ٻوسڻ اتحاد پاران مستحق 110 خاندانن کي پندرھن ڏينھن جو راشن درن تي پھچايو ويو اڳواڻ عاشق حسين ٻوسڻ ھمــت علي ٻوسڻ سرائي رياض حسين ٻوسڻ سنڌيار سان ڳالھائيندي چيو ته ڪرونا وائرس سبب سنڌ م لاڪ ڊائون بعد وڏي انگ ۾ پورھيت بيروزگاري سبب پنھنجن گھرن م فاقاڪشي تي مجبور ٿي ويا آھن.

*** چيلهار مان ساجدنهڙيو موجب ٿرپارڪر ٻارهن ڏينهن کان لاڪ ڊائون برقرار، ارباب فيض محمد فائونڊيش پاران ٿر ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ مستحق ماڻهن راشن تقسيم ڪيو ويو. بئريسٽر ارباب فضل الله پاران پنهنجي ذاتي خرچ تي مزدور طبقي سميت مسڪين ماڻهن جي مدد لاء هڪ ٽيم جوڙي ورتي آهي جيڪا ٽيم ٿر جي مختلف علائقن ۾ غريب ماڻهن کي گهر گهر پهچي راشن ڏئي رهي آهي. هن جو چوڻ آهي ته ٿر جي بي پهچ مارو ماڻهن کي اهڙين حالتن ۾ اڪيلو نٿو ڇڏي سگهان.***سکر مان جيرام داس موجب پاڪستان تحريڪ انصاف جي رهنما حاجي ديدار علي جتوئي ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف ناردرن سنڌ جي جنرل سيڪريٽري مبين احمد جتوئي جي طرفان ملڪ ۾ موجوده لاڪ ڊائون جي صورتحال ۽ ڪرونا وائرس جي پکڙجڻ کي روڪڻ جي ڪري حڪومتي اپائن سبب غريب ۽ مستحق مزدور طبقي ۾ راشن تقسيم ڪيو پيو وڃي.

سکر شھر جي مختلف علائقن۾ راشن ضرورت مندن ۽ غريب مزدور طبقي جي گھر گھر پھچايو ويو آھي، سندن چوڻ آهي ته 7000 خاندانن ۾ راشن جا ٿيلها ورهايا ويا آهن ۽ وڌيڪ سلسلو جاري آهي. ھڪ ٿيلھي ۾ پندرهن ڏينهن جو راشن پيڪ ڪيو ويو آھي جنھن ۾ اٽو، چانور، دال، گيهه، لوڻ، کنڊ، مرچ، سبزي سميت تمام ضرورت جون شيون رکيون ويون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو