مختلف شهرن ۾ بجلي جي ڪرنٽ، خودڪشي ۽ حادثي ۾ 5 فوت

ڪراچي(نمائندن وٽان) سکر جي نئون پنڊ ٿاڻي جي حد آغا بدرالدين ڪالوني ۾ 30 سالن جو وقاص عباسي يو پي ايس ٺاهيندي بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو, جنهن کي اسپتال نيو پئي ويو ته زخمن جا سور نه سهندي رستي ۾ ئي فوت ٿي ويو.

فاروق احمد جوڻيجو پکو ٺاهيندي فوت

*** * سلطانپور لڳ ڳوٺ حاصل واهڻ ۾ پکو ٺاھيندي اوچتو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ ڪري  نجي اسڪول جو استاد 25 ورهين جو نوجوان فاروق احمد جوڻيجو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو. *** شهداد ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ رپ وتون چانڊيو ۾ راند کيڏندي 5 ورهين جو معصوم حبيب الله چانڊيو ٻڏي فوت ٿي ويو. جنهن کي کڻائي وارث شهدادڪوٽ اسپتال کڻائي آيا جتي کيس ڊاڪٽرن فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي .**** ڪپور موري تي نشي ۾ ڌت ڊرائيور عبدالغفور پنهور جي ڪار جي ٽڪر ۾ زخمي ٿيندڙ امين خاصخيلي آچر تي اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، ڳوٺ پٺاڻ خاصخيلي ۾ دفن ڪيو ويو. هيستائين ڪيس داخل نه ٿي سگهيو ڊي ايس پي سيد مجاهد شاه ٻڌايو وارث ڪفن دفن بعد جيئن ايندا ڪيس داخل ڪبو.*** ڳڙهي ياسين جي جيها محلا ۾ 22 ورهين جي صائمه زال عمران جيهو گهرو اڻبڻت تان مڙس سان ناراض ٿي گهر جي ڪمري اندر ڦاهو کائي هميشه لاءِ پنهنجي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو. ٿاڻي جي وڏي منشي فتح محمد دل ٻڌايو ته اطلاع ملڻ بعد پوسٽ مارٽم لاءِ لاش کڻايو، ناري جي خودڪشي جو ڪارڻ مڙس سان معمولي ڳاله تان نارضگي ٻڌائي وڃي پئي ، جاچ ڪريون پيا.

پهنجو تبصرو موڪليو