مختلف شهرن ۾ باهه جا واقعا، متاثرن جي مدد جي اپيل

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٻاهيون لڳڻ جي واقعن ۾ غريبن جي گهرن جو الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو آهي.***ميرپورخاص مان بشير شاهه موجب سامارو موري جي ڳوٺ مولا بخش مري ۾ مري برادري جي 4 گھرن جن ۾ محمد بخش مري کوھي مري مولابخش مري رشيد مري  جي گھرن کي  اچانڪ باھ لڳڻ سبب گھرن ۾ پيل 60 مڻ ڪڻڪ گھرو سامان سڙي رک ٿي ويو.

اطلاع تي فائر برگيڊ پھچي باھ تي ضابطو ته آندو پر سڄو سامان سڙي ويو.***ملير مان شهزادو مستوئي موجب ملير ڪينٽ روڊ تي موجود ڪولهي برادريءَ جي جهڳين کي اوچتو باھ وڪوڙي ويئي جهڳين ۾ موجود عورتن ۽ ٻارڙن ۾ ڪيهون پئجي ويون رهواسين همٿ ڪري جهڳين ۾ موجود عورتن ۽ ٻارن کي جهڳين مان ٻاهر ڪڍي ورتو ۽ پنهنجي مدد پاڻ هيٺ باھ وسائڻ جي ڪوشش ڪئي تيستائين ڪيتريون ئي جهڳيون ۽ انهن ۾ پيل موٽر سائيڪل سميت سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو.

اطلاع ملڻ تي مختيار ڪار سب ڊويزن مراد ميمڻ ڳوٺ برڪت ڪلهوڙو ۽ صحافي پهچي ويا  جن واقعي واري هنڌ جو معائنو ڪيو ان موقعي تي ڪرشن  ڀيل، ارجن ،شنڪر ۽ ٻين ٻڌايو ته باھ لڳڻ جو سبب معلوم نه ٿي سگهيو آهي اوچتو صبح جو ڪرشن ڀيل جي گهر کي باھ لڳي ته سڀ رهواسي گڏ ٿي وياسين جن همٿ ڪري باھ وسائي هنن ٻڌايو ته هو هڪ هفتي کان بيروزگار آهيون راشن به ختم ٿي ويو آهي ٻار بک تي آهن مٿان وري باھ لڳڻ ڪري سڀ ڪجهه تباهه ٿي ويو آهي .هنن سنڌ حڪومت ۽ تر جي نمائندن کي واهر ڪرڻ جي اپيل ڪئي. *** سيٺارجا مان سجاد ڪٻر موجب ڏيپارجه شهر جي جوڳي محلا ۾ اوچتو گهر جي چلهه مان چڻنگ اٿڻ سبب مقامي پورهيت مختيار حسين جوڳي جي گهر کي باهه وڪوڙي وئي جنهن جي نتيجي ۾ گهر ۾ پيل سمورو سامان ۽ گهر مڪمل طور تي سڙي رک جو ڍير بڻجي ويو جنهن بعد متاثر خاندان هٿين خالي کليل آسمان هيٺ ويٺا آهن. متاثر پورهيت سنڌ حڪومت کان گهر ڪئي آهي ته اڳ ۾ ئي ڪورونا جي ڪري ٿيل لاڪ ڊائون سبب بيروزگار هجڻ ڪري معاشي طور تي پريشاني جو شڪار هياسين ويتر گهر ۽ سمورو سامان سڙڻ بعد انتهائي خراب  حالت ٿي وئي آهي جنهن ڪري فوري طور تي گهر اڏڻ توڙي روز جي کاڌي پيتي جي لاءِ مالي مدد ڪئي وڃي. ***ٽنڊو غلام حيدر مان ميرحسن رند موجب تلهار مال پڙي ڀرسان ڳوٺ نورمحمد سولنگي ۾ عرس سولنگي ۽ الهڏنو سولنگي جي ٻن گهرن کي اوچتو باهه وڪوڙي ويئي.

جنهن جي نتيجي ۾ گهر ۾ پيل کٽون هنڌ بسترا اناج ۽ سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو جڏهن ته ٽنڊو غلام حيدر فائر برگيڊ گاڏي خراب هئڻ سبب اهڙو اطلاع  تلهار فائر برگيڊ کي ڏنو ويوجنهن واقعي واري هنڌ پهچي لڳل باهه تي ضابطو آندو متاثرين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته کلي آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل آهيون هنن سرندي وارن کان اپيل ڪندي چيو ته اسان جي مالي سهائتا ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو