جروار(رپورٽ محمد بخش گبول)مختلف برادرين جي چڱن مڙسن جو ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻ ڄام عبدالفتح سميجو سان ملاقات ڪري ايس ٽي پي۾ شموليت جو اعلان ڪيو. ڳوٺ علي اڪبر گبول ۾ ايس ٽي پي مرڪزي اڳواڻ ڄام عبدالفتاح سميجو کي آجياڻو ڏنو ويو جتي ڳوٺ جي چڱي مڙس حاجي اڪبر گبول ۽ٻين برادري سان واسطو رکندڙ ملڪ مشوري ٻرڙا برادرين جي ماڻھن وڏي تعداد ۾ ڊاڪٽر قادرمگسي سميت سموري قيادت تي اعتماد ڪندي ايس ٽي پي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو ,ميڙاڪي کي خطاب ڪندي ڄام عبدالفتح سميجو چيو ته ايس ٽي پي غريب هارين مزدورن جي پارٽي آھي جنهن روزاني سوين ڳوٺن جا ماڻھو شامل ٿين پيا ,هن چيو ته اسان جي پارٽي سنڌي ماڻھن جي حقن لاء سدائين ميدان تي هوندي آھي بحريه ٽائون جو مسئلو هجي يا ٻيٽن جو مسئلو هجي اسان جي پارٽي سدائين جدوجهد ۾ هوندي آھي ,هن وقت پ پ پ حڪومت هجي يا وفاق حڪومت سڀ سنڌ دشمن منصوبن تي ڪم ڪن پيا ,وفاقي حڪومت هڪ نئو ڊرامو رچائي پئي ته 71 ع ۾ ڀڄي ويل بنگالين جون ڇڏيل ملڪتيون بنگالين کي ڏيڻ جو راڳ ڳائين پيا اهي ملڪتيون سنڌ جي ماڻھن جون هيون بنگالي خالي هٿين آيا هئا ۽خالي هٿين هليا ويا ,هن وڌيڪ چيو ته بنگالين کي جيڪڏھن ملڪتيون ڏيڻ لاء چون ٿا پوء پاڪستان جي ٺھڻ وقت ملڪ ڇڏي ويندڙ سنڌي هندن کي به ملڪتيون واپس ڏنيون وڃن ,هن پنجاب جي ڀنگ شھر واقعي جي مذمت پڻ ڪئي ,ميڙاڪي کي ايس ٽي پي ضلع صدر زاهد ميراڻي نواز جلباڻي اياز نائچ علي گوهر گبول ,رياض گبول ,محمد بخش گبول قبول گبول ۽ٻين پڻ خطاب ڪيو.
خط مامرو: هاءِ ڪورٽ جي سڀني ججن کان تجويزون طلب
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
عالمي واٽر سمٽ ۾ گورننس کي بهتر ڪرڻ تي زور
ٽي ايل پي بابت رپورٽ صوبائي حڪومت سان شيئر نه ڪئي وئي
پشاور ۽ بلوچستان جي چيف جسٽسز جي نالن جي منظوري
دهشتگردن سان ڳالهيون نه ٿينديون، تارڙ جو پاليسي بيان
آءِ ايم ايف پاران مختصر مدي وارو پروگرام وٺڻ جي صلاح
بلوچستان جي 14 رڪني ڪابينا حلف کڻي ورتو
ڪينيا جو آرمي چيف ڏهه آفيسر سميت اجل جو شڪار
خصوصي سيٽن وارن ميمبرن کان حلف وٺڻ جو حڪم
حدبندي جو تڪرار ، پينو فقير عدالت پهچي ويا
ٽڪ ٽاڪ پاران نئين ايپ متعارف
ايران تي اسرائيلي جارحيت، صورتحال جو جائزو وٺون پيا، ترجمان
جمشيد دستي ۽ اقبال احمد خان تي اجلاس ۾ شرڪت تي پابندي
مبينا جاسوسي جي جوابدار جي ضمانت واري درخواست رد
دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سڪون سان نه ويهنداسين
دنيا جي سڀ کان وڏي چونڊ، ڀارت ۾ ووٽنگ شروع
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 50 پئسا ٿي ويو
ٽرانسپورٽ جو ڀڳل ٽٽل نظام
ڌاڙيلن خلاف جديد ٽيڪنالاجي سان گڏيل آپريشن جو فيصلو