مختلف احتساب عدالتن پاران ليگي اڳواڻن جي رمانڊ ۾ واڌ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) لاهور، راولپنڊي ۽ اسلام آباد جي احتساب عدالتن ۾ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن، خواجه سعد رفيق، خواجه سلمان رفيق، شاهد خاقان عباسي ۽ احسن اقبال جي رمانڊ ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي. پيراگون هائوسنگ اسڪينڊل ۾ گرفتار خواجه برادران  جي ڪيس جي ٻڌڻي لاهور جي احتساب عدالت جي جج جواد الحسن جي عدالت ڪئي. جنهن ۾ ٻنهي ڀائرن کي پيش ڪيو ويو. هنن عدالت کي ٻڌايو ته گذريل رات جيل جي بيرڪ ۾ باهه لڳي هئي جنهن بعد خوف سعد رفيق چيو ته هو اٿيو ته نرڙ ۾ کيس لوهي راڊ لڳي هئي. عدالت جيل ۾ باهه واري واقعي بابت رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي سندن عدالتي رمانڊ ۾ واڌ ڪري ڇڏي. ان موقعي تي خواجه سعد رفيق چيو ته جيل انتظاميه کيس قومي اسمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ روزانو وٺي وڃي ٿي ۽ واپس لاهور آڻي ٿي. هن چيو ته جسيسن اجلاس آهي تيسين اسلام آباد ۾ سب جيل ۾ کيس رکيو وڃي. هوڏانهن ٻئي پاسي اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي کي ايل اين جي ڪيس ۾ راولپنڊي جي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. هن جج کي چيو ته نيب ۾ ترميم جو آرڊيننس اچي ويو آهي ۽ اسانکي اڃا تائين نيب ريفرنس جي ڪاپي به نه  ملي آهي. عدالت نيب کي حڪم ڏنو ته سڀني ملزمن کي ايندڙ حاضري تائين ڪاپيون فراهم ڪيون وڃن. عدالت وڌيڪ ٻڌڻي 21 جنوري تائين ملتوي ڪندي شاهد خاقان عباسي کي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو. هوڏانهن اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج محمد بشير جي عدالت ۾ نارووال اسپورٽس ڪمپليڪس ڪيس ۾ پيش ڪيو ويو. عدالت ۾ نيب ترميمي آرڊيننس جو ذڪر نڪتو ته احسن اقبال چيو ته هو ترميمي آرڊيننس جو فائدو حاصل نٿو ڪرڻ چاهي ۽ ميرٽ تي ڪيس کي منهن ڏيندو. نيب پراسيڪيوٽر چيو ته احسن اقبال خلاف وڌيڪ ثبوت مليا آهن ان ڪري 14 ڏينهن جو جسماني رمانڊ ڏنو وڃي. عدالت 7 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪري ڇڏيو. ياد رهي ته هن کي 23 ڊسمبر تي گرفتار ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو