مخالف ڌُر جي تحريڪ ٻوٽو ٻاريندي، محمد اسماعيل لانگاھ

سردي جي موسم ايئن کڻي چئجي ته گادي واري شهر اسلام ۾ سياسي تحريڪن جي مند آهي جنهن سان هر سال گادي واري شهر ۾ سياسي پارٽيون ميلا مچائين ٿيون ۽ گذريل سال مولانا فضل الرحمان جي سرڪار خلاف ناڪام ٿي ويل لانگ مارچ کي اندروني طور پنهنجي مفادن خاطرناڪام ڪندڙ ساڳين سياسي پارٽين ن ليگ ۽ پ پ جي يو آء سميت ٻين سياسي پارٽين سان گڏجي سرڪار مخالف جمهوري پارٽين جو  هڪ وڏو اتحاد ( پي ڊي ايم) پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ پليٽ فارم تان پي ٽي آء سرڪار خلاف وڏي ۽ گڏيل تحريڪ جو اعلان ڪيو آهي هي اتحاد ۽ تحريڪ ان وقت شروع ڪيو ويو آهي جڏھن پرڏيھ علاج خاطر ترسيل ن ليگ جي قائد نواز شريف کي سرڪار ڪيسن جي پيروي خاطر ڏيھ آڻڻ ۽ فرد جرم آڌار جيل موڪلڻ جون تياريون ٿي رهيون آھن ۽ ان کي ڏيه آڻڻ لاء برطانوي سرڪار سان پڻ رابطو ڪيو پيو وڃي جنهن لاء شيڊيول مطابق آڪٽومبر جي يارهين تاريخ جلسي جو اعلان ڪيو ويو آهي, مخالف ڌُر جي مضبوط تحريڪ کي ڪمزور ڪرڻ سرڪاري طرح کان وڏيون ڪوششون پڻ ٿي رهيون آهن مخالف ڌر جي اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي تنظيمي ڍانچي لاءِ اسٽيئرنگ ڪاميٽي  پڻ قائم  ڪئي وئي آهي  جنهن جو ڪنوينر ملسم ليگ (ن) جي احسن اقبال کي پڻ مقرر ڪيو ويو در حقيقت پي ٽي آء سرڪار خلاف ڪافي ڀيرا  اهڙا اتحاد ٺھندا ڊهندا رهندا  رهيا آهن هن وقت ٺھيل جمهوري پارٽين جي اتحاد جي تحريڪ کي اثرائتو بڻائڻ لاء هن وقت کان ئي جلسن جلوسن جون تياريون شروع ٿي چُڪيون آهن ۽ خود وفاق جي ڪُجھ وزيرن کي پڻ خدشا آهن جنهن جي پس منظر ۾ شيخ رشيد جو چوڻ هو ايندڙ ڪُجھ ڏينهن ۾ ٻوهارو ڦرڻ وارو آهي ۽ وڏيون تبديليون اچڻ واريون آهن وفاقي ڪابينا جا ڪُجھ وزير جن جي بيانن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته تحريڪ جو ڪُجھ اثر ٿيڻ وارو آهي نتيجا ابتا سبتا ٿي سگهن ٿا ۽ وزير اعظم جيڪو چئن پنجن ميمبرن جي معمولي سادي اڪثريت سان مضبوط مخالف ڌُر کي چئلينج ڪندو رهيو آهي شايد ڪابينا جي تبديلي اڻ ٽر ٿي وڃي, هونئن ئي به وزير اعظم ڪُجھ ڏينهن پهرين پنهنجي ڪابينا ميمبرن جي اجلاس ۾ کين هدايتون ڪيون ته ڪو به منسٽر غيرضروري ۽ ذاتي  ۽ سياسي بيان بازي کان پاسو ڪري, اهڙين هدايتن باوجود شيخ رشيد جهڙي سينيئر وزير جو بيان ڪُجھ اهميت وارو آهي وزير اعظم جي اهڙين هدايتن باوجود شيخ رشيد جهڙو اثرائتو وزير بيان جاري ڪري ته سمجهو دال ۾ ڪارو آهي, ۽ وزير اعظم جنهن مخالف ڌُر جي بيانن کي ڀارتي ھمايت قرار ڏئي پاڻ کي سليڪٽرن اڳيان سچو ثابت ڪيو آهي ته وفاقي ڪابينا سان فوج گڏ آهي ۽ مٿان وري ن ليگ سربراه سنئو سڌو چيو آهي ته هاڻ ڪنهن به سياسي پارٽي سان ڪنهن به عسڪري قيادت جي عملدار جي ملاقات نه ٿيندي ۽ ن ليگ سربراه آء ايس آء مٿان پڻ شڪ شبها ظاهر ڪيا آهن  جڏھن ته پ پ ۽ ن ليگ گڏيل بيان به جاري ڪيو آهي ته تحريڪ عمران سرڪار نه پر ان کي آڻيندڙن خلاف آهي سرڪار خلاف اهڙي ڌمڪي آميز بيان کانپوء فوج طرفان بيان جاري ٿيو ته عسڪري قيادت ڪنهن سان  گڏ نه پر جمهوريت ۽ ملڪ سان گڏ آهي عسڪري قيادت جي اهڙي بيان بعد حڪومت جي هانءُ تي پيل پي ڊي اي تحريڪ جو بار کڻي هلڪو به ٿيو هجي پر, انجو ڪوبه ٽائم فريم ناهي شيخ رشيد جي بيان مطابق جيڪو ٻھارو ڦرندو ان ۾ مخالف جي صفائي ٿئي يا ان جي ڌوڙ ۽ دز اعلي ايوانن تائين ضرور پهچندي پر ان کان پهرين تحريڪ کي ڪامياب ڪرڻ لاء مخالف ڌُر ڪيتري قدر هڪ ٻئي سان سنجيده آهي مخالفن جي ٻڌي ۽ اتحاد ۾ جا ڪيترائي مثال موجود آهن جنهن ۾ سينيٽ چيئرمين جي چونڊ, موجوده پارليمينٽ ۾ اڪثريت نه هئڻ جي باوجود مخالف ڌُر کي مليل شڪست جنهن تان مخالف سياسي پارٽين جو هڪ ٻئي مٿان يقين گهٽ آهي پر بحرحال هن وقت موجوده حڪومت جي غلط پاليسن سبب اتحاد کي مضبوط ڪرڻ لاء هنن وٽ عوام جو ساٿ بلڪل ضرور آهي ۽ عوام موجوده حڪومت جي ڪيل واعدن کان بيزار ٿي وئي آهي غربت ملڪ کي گهيري ۾ آڻي ورتو آهي مٿان وري روزمرح ۾ استعمال ٿيندڙ شين جي اگهن ۾ روز بروز واڌ ماڻھن کان جيئڻ جو حق کسي ڇڏيو آهي رياست مدينه ۽ نئين پاڪستان  جو   نعرو هڻندڙ حڪومت غلط پاليسين سبب ناڪام ٿي وئي آهي سياسي حوالي سان  ڀلي کڻي سگهارين جو سقٿ موجوده حڪومت سان گڏ آهي پر  عوام جا ڪم نه ٿيڻ ۽ اپوزيشن جماعتن خلاف هڪ ڌُري ڪاروائين  واري  عمل سان جمهوري سسٽم ڪمزور ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃيجڏهن ته پي ڊي ايم پنهنجي  احتجاجي تحريڪ کي حتمي شڪل  ڏيڻ لاءِ قائم ٿيل اسٽيئرنگ ڪاميٽي جي  اجلاس ۾  مسلم ليگ (ن) پاران اڳوڻو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، احسن اقبال، سردار اياز صادق، خواجه سعد رفيق، جڏهن ته پيپلزپارٽي مان اڳوڻو وزيراعظم راجا پرويز اشرف، نير بخاري، شيري رحمان، فرحت الله بابر, جي يو آءِ مان مولانا غفور حيدري، اڪرم دراني، جي يو پي مان شاهه اويس نوراني، پختونخوا ملي عوامي پارٽي مان عثمان ڪاڪڙ، بي اين پي مينگل مان ڊاڪٽر جهانزيب جمالديني، اي اين پي مان ميان افتخار سميت تمام مخالف جماعتن جي گڏيل تحريڪ مان عوام دشمن حڪومت مان, نجات ڏيارڻ جو عزم ڪيو ويو آهي  بلڪل ملڪ جو غريب طبقو  هن وقت مشڪل ۾ آهي، مهانگائي، بيروزگاري، عام ماڻهن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، جنهن طرح معيشت ۽ پرڏيهي پاليسي جا مامرا هلايا پيا وڃن، اهو عمل پاڪستان جي استحڪام لاءِ خطرو ٿي سگهي ٿو، مخالف ڌر جون پارٽيون متفق آهن ته اسان پاڪستان جي عوام جي سان گڏ بيهنداسين ۽ انهن جي ڏک ۾ شامل ٿينداسين،  11 آڪٽوبر کان شروع  ٿيندڙ تحريڪ سليڪٽيڊ ۽ نااهل حڪومت جي خاتمي تائين جاري رهندي،  مخالف سياسي جماعتن جي تحريڪ ڀلي کڻي عوامي مفادن وٽان ئي نه هجي پر موجوده سرڪار ملڪ جي عوام سان جيڪي وڏا واعدا ۽ وچن ڪيا جنهن ۾ نئون پاڪستان, پاڪستان کي رياست مدينه بڻائڻ, پنجاھ ڪروڙ گهر ڏيڻ سميت ڪيل واعدن مان عوام کي ڪيترو پيڪيج ڏنو ويو ويتر مهانگائي ڪري عوام کي جيڪي تڪليفون ڏنيون ويون تنهن ازالو به نٿي سگهيو آهي, هاڻي جڏھن مخالف ڌُر تحريڪ جو آغاز ڪيو آهي ته سندن خلاف وفاق نيب معرفت ڪاروائيون نوان ڪيس مڙھڻ شروع ڪري ڇڏيا تحريڪ کان پهرين ئي ن ليگ ۽ پ پ قيادت کي سوگهو ڪرڻ لاء وٺ پڪڙ ٿي وئي آهي , پر موجوده سياسي پارٽين جي تحريڪ ڀلي کڻي اثرائتي نه به ٿي سگهي پر  عمران خان مائينس وارو فارمولو شايد طئي ٿئي چڪو آهي جنهن جو خدشو خود وزير اعظم به ڪري ٿو ته جيڪڏھن مان مائينس ٿي به وڃان پر ڪنهن کي به اين آر او نه ملندو ڇا نواز شريف اين آر تحت ٻاهر نه موڪليو ويو هو مخالف ڌُر هن وقت عمران خان نه پر سڌي طرح ان کي آڻيندڙن خلاف تحريڪ جو آغاز ڪيو آهي ۽ عمران کي آڻيندڙن بابت هر ڪنهن کي ڄاڻ جيڪڏھن هن تحريڪ سان سليڪٽرن تي سوڙھ پئي ته موجوده حڪومت لاء خطرو وڌي سگهي ٿو شايد عمران خان مائينس ٿي به سگهي

پهنجو تبصرو موڪليو