محنت سان ڪم ڪريو، ان ۾ ئي عزت ۽ ترقي آهي، سيڪريٽري

اسلام آباد(بيوور رپورٽ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزارت ۽ ان جي واسطيدار مختلف ادارن ۾ ڪم ڪندڙ ايڪس ڪيڊر آفيسرن جي ٽن مهينن واري ٽريننگ مڪمل ٿي وئي. انفرمسيشن سروسز اڪيڊمي اسلام آباد ۾ منعقد ڪيل ان ٽريننگ ۾ مختلف صوبن م ڪم ڪندڙ  اطاعات کاتي جي آفيسرن جن ۾ عورتون به شامل هيون ڪاميابي سان پنهنجي ٽريننگ مڪمل ڪري ورتي. ان موقعي تي ڪورش مڪمل ڪندڙ آفيسرن ۾ سندون ۽ شيلڊ ورهايون ويون. سيڪريٽري اطلاعات ۽ نشريات ميڊم شهيره شاهد ان موقعي تي خاص مهمان هئي جنهن آفيسرن ۾ سندون ورهايون. ان موقعي تي ڊائريڪٽر جنرل انفرميشن سروسز اڪيڊمي سعيد جاويد ۽ ڊپٽي ڊي جي سعيد شيخ به موجود هئا. ان موقعي تي سعيد جاويد سيڪريٽر انفرميشن ميڊم شهيره شاهد کي سوونيئر به پيش ڪيو.

DG Information Services Academy Mr. Saeed Jawed is presenting a souvenir to Madam Shaira Shahid Federal Secretary to I&B

آخر ۾ گروپ فوٽو به ڪڍرايو ويو. ميڊم شهيره شاهد ٽريننگ مڪمل ڪندڙ آفيسرن جي ڪاميابي لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪندي چيو ته اوهين سخت محنت ڪريو، محنت ۾ ئي عظمت آهي ۽ جيڪو آفيسر سٺو ڪم ڪندو ۽ وقت تي ڪم مڪمل ڪندو ان کي عزت به ملندي ۽ ترقي به ملندي. سٺو آفيسر اهو آهي جيڪو سٺو ڪم ڪندو، ايمانداري ۽ محنت سان ڪم ڪندو.

A group photo of ex-cadre officers of the ministry I&B and its attached departments who have completed three month training in Islamabad.

 

پهنجو تبصرو موڪليو