محنتي استاد کي رٽائر ٿيڻ تي ڀيٽا ۽ تحفا پيش

جان محمد سوسائٽي(غلام رسول مھر)گورنمينٽ ھاء اسڪول لاکو لنجاري جي سينئر استاد ۽ تعليمي ماھر استاد عبدالحئي مھر  جي رٽائرمينٽ جي موقعي  ھڪ شاندار تقريب سندس ئي ڳوٺ راضو مھر ۾  منعقد ڪئي وئي تقريب ۾ استادن صحافين سياسي سماجي مذھبي اڳواڻن مٽن مائٽن، ڳوٺاڻن، ۽ سندس شاگردن سميت ميان عابد حسين انڍڙ سهروردي سجاده نشين درگاھ بگوشير ، ميان محمد زمان انڍڙ سهروردي، سياسي سماجي اڳواڻ حاجي سلطان خان مهر، بابرڪريم خان مهر، فضل ڪريم خان مهر، فدا حسين لنجار، ميان علي گوهر انڍڙ ،محمود مهر ،محمد اسلم مهر حليم مھر توقير سومرو،محمد يوسف مھر ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، تقريب ۾ شريڪ ماڻهن ڳالھائيندي چيو ته ” استاد عبدالحئي مهر پنهنجي پيشي سان سچو ۽ پنهنجي نوڪري کي پنهنجو فرض سمجهي ادا ڪيو، هن ڪيترن ئي شاگردن کي تعليم ڏئي کين اڳتي وڌايو، هن سروس دوران تعليم لاءِ بهترڪم ڪيو، سندس تعليم لاءِ ڪيل خدمتون قابل تعريف آهن، هنن وڌيڪ ڳالھائيندي چيو ته سٺا استاد سٺا شاگرد پيدا ڪندا آهن جيڪي پنهنجي زندگيءَ ۾ اڳتي وڌي پنهنجو ۽ پنهنجي استادن جو نالو روشن ڪندا آهن، استاد عبدالحئي نه فقط هڪ سٺو استاد پر هڪ انسان دوست ۽ سماج سڌارڪ ماڻهو آهي جنهن تعليم جو پيغام عام ڪندي معاشري ۽ سماج کي سڌارڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو ”  تقريب ۾ موجود ماڻهن کيس گلن ۽ اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا، پروگرام جي آخر ۾ سندس جنم ڏينهن جو ڪيڪ به ڪاٽيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو