محمود آباد نالي جي ري ماڊلنگ ڪئي وڃي، مراد شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي جي گٽرن ۽ برسات جي پاڻي جي نيڪال وارن نالن کي ڌار ڌار ڪيو وڃي، جيئن واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽ لڳائي سگهجن. اهڙو اظهار هن ڪورونا وائرس جي ٽيسٽ منفي اچڻ بعد صحتيابي کانپوءِ پهرين اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ سيد ناصر شاهه، سعيد غني، مرتضيٰ وهاب ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ٻڌايو ويو ته  محمود آباد واري نالي جي ڊيگهه 19.03 ڪلوميٽر آهي، جنهن ۾ نوراني چورنگي نالو 4.54 ڪلوميٽر، ٽيپو سلطان نالو 4.1 ڪلوميٽر به هن نالي ۾ ڇوڙ ڪن ٿا. وڏي وزير چيو ته محمود آباد نالو 80 فٽ پڪو سيمينٽ سان ٺاهڻو پوندو جيئن 50 ڪيوسڪس پاڻي وهائي سگهي. هن چيو ته ري ماڊلنگ ڪري هن نالي کي ماڊل نالو بڻايو وڃي. شهر جي ٻين نالن کي به بهتر ڪيو وڃي.  

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو