محمد بخش خان سميت سڀني جا فارم بحال، پولنگ 23 تي ٿيندي

سکر(جيرام بختيارپوري) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي اپيليٽ ٽريبونل قومي اسمبلي جي تڪ 205 جي سمورن اميدوارن جا فارم بحال ڪندي کين چوند وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. هوڏانهن اليڪشن ڪميشن عدالتي فيصلي ۾ دير سبب بيلٽ پيپرن جي ڃپائي لاءِ پولنگ جي تاريخ مٽائي 18 جولاءِ بدران 23 جولاءِ ڪري ڇڏي آهي. پيپلز پارٽي جي فرحت اللو بابر ڪالهه چيف اليڪشن ڪمشنر کي تاريخ نه مٽائڻ لاءِ خط لکيو هو پر ان جي باوجود به پولنگ جي تاريخ تبديل ڪئي وئي آهي.

ياد رهي ته سردار محمد بخش خان مهر، بنگل خان، باري خان پتافي، احمد علي خان مهر جا هڪٻئي خلاف نامزدگي فارم رد ڪرڻ بابت داخل اپيلون خارج ڪري ڇڏيو آهن. جسٽس عبدالمالڪ گدي ۽ جسٽس ارشد خان تي مشتمل بينچ گذريل جمع تي فيصلو محفوظ ڪيو هو. ياد رهي ته بلاول ڀٽو چيو هو ته ادارن کي ننڍي چونڊ جي هڪ تڪ خاطر تڪراري نه بنائڻ گهرجي.هن اهو به چيو هو ته کين ائين پيو محسوس ٿئي ته هر اداري تي دٻاءُ وڌو پيو وڃي ۽ سندن اميدوار محمد بخش خان تي پارٽي ڇڏڻ لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو