محسن عباس حيدر جي ٻيهر وڏي اسڪرين تي واپسي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪار ۽ گلوڪار محسن عباس حيدر هڪ دفعو ٻيهر وڏي اسڪرين تي جوهر ڏيکارڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. گذريل سال محسن جي اڳوڻي گهرواري فاطمه سهيل اداڪار تي تشدد ڪرڻ جا الزام لڳايا هئا جنهن تي محسن عباس طرفان بي بنياد قرار ڏنا ويا هئا ۽ جنهن کان پوءِ ٻنهي وچ ۾ علحيدگي ٿي وئي هئي. ان واقعي کان پوءِ اداڪار ڪجهه عرصي لاءِ اسڪرين تان غائب ٿي ويو هو ليڪن هاڻي ٻيهر هن فلم ونس اپون ا ٽائيم ان ڪراچي سائن ڪري پنهنجي چاهيندڙن کي خوشخبري ڏني آهي ۽ هو هڪ دفعو ٻيهر وڏي اسڪرين تي نظر اچڻ لاءِ تيار آهي. اها فلم پاڪستاني تيور ۽ ڪتاڪشا جي هدايتڪار ابو عليحا جي آهي جنهن ۾ محسن عباس حيدر سان گڏ اداڪاره نوشين شاهه به شامل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو