محسن شاهه قبرستان تان قبضو ختم ڪرايو، متولي

سيٺارجا( سجاد علي ڪٻر) درگاهه محسن شاهه جي متولي فقيرهادي بخش چنو پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي ٻڌايو ته درگاهه سان لڳ تاريخي قبرستان جي پلاٽ تي ڪجهه شرارتي ماڻهن قبضو ڪري ڇڏيو آهي ۽ اڏاوتون ڪري رهيا آهن جنهن سان نه صرف قبرن جي بيحرمتي ٿي رهي آهي پر قبرستان جو پلاٽ پڻ محدود ڪيو پيو وڃي جنهن سان ايندڙ وقت ۾ فوت ٿيندڙن کي دفنائڻ وڏو مسئلو بڻجي ويندو. هن ڊي سي خيرپور ۽ ٻين اعلى اختيارين کان گهر ڪئي ته قبضا مافيه خلاف ڪاروائي ڪري قبرستان جي پلاٽ تان قبضو ختم ڪرايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو