محسنِ پاڪستان کان غدار پاڪستان تائين، ڊاڪٽر قدير خان جو پروفائيل

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستن جو ايٽمي سائنسدان ڊاڪٽر عبدالقديرخان 85 سالن جي ڄمار ۾ پنهنجي گهر جيڪو سب جيل هو تنهن ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. صدر عارف علوي، وزيراعظم عمران خان، اطلاعات واري وزير فواد چوڌري، اپزيشن ليڊر شهباز شريف، پي پي اڳواڻ آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو، مولانا فضل الرحمان ۽ ٻين سياستدانن سندس وفات تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو آهي. ڊاڪٽر خان 26 آگسٽ تي ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿيو جنهن بعد کيس ڪهوٽا اسپتال ۾ داخل هو، ان دوران سندس وفات جا افواهه هليا ته هن 11 سيپٽمبر تي ويڊيو پيغام جاري ڪيو ته هو صحتمند آهي. ڊاڪٽر قدير خان 27 اپريل 1936 ۾ ڀارتي شهر ڀوپال ۾ ڄائو، سندس خاندان 1947 ۾ لڏي پاڪستان آيو. هن جرمني، هالينڊ ۽ بيلجيم مان اعليٰ تعليم حاصل ڪئي. 1974 ۾ جڏهن ڀارت ايٽمي ڌماڪو ڪيو ته ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جو ايٽمي پروگرام شروع ڪيو ۽ 1976 ۾ کيس وطن آندو ۽ پاڪستان انجنيئرنگ ليبارٽري جو سربراهه بڻايو. جنهن کي ضياءُالحق 1981 ۾ ڊاڪٽر اي ڪيو خان جو نالو ڏنو. هن ٿوري وقت ۾ يورينيم جي افزودگي يقيني بڻائي پاڪستان جي ايٽم بم جو بنياد رکيو. نيوڪليئر فزڪسٽ ۽ ميٽلرجيڪل انجنيئرنگ جون ڊگريون رکندڙ هن شخص ڪيترا ڀيرا اقرار ڪيو ته پاڪستان جو ايٽمي پروگرام ذوالفقار علي ڀٽو شروع ڪيو جنهن کي بعد ۾ ايندڙ حڪمرانن جاري رکيو. هن تي هالينڊ مان ايٽمي معلومات چوري جو الزام لڳو جنهن مان هو بري ٿيو پر 2004 ۾ جنرل مشرف کيس ايٽمي ٽيڪنالوجي ايران، لبيا ۽ اتر ڪوريا سان شيئر ڪرڻ جو الزام هڻندي غدار قرار ڏئي نظر بند ڪيو هو. عوامي ۽ عدالتي رد عمل بعد ڪاغذي طور سندس نظربندي ختم ڪئي وئي پر عملي طور تي مرڻ گهڙي تائين سب جيل قرار ڏنل گهر ۾ فوجي پهري ۾ وفات ڪئي. حڪومت کيس مڪمل سرڪاري اعزاز سان دفن ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڊاڪٽر قدير کي پٽ جي اولاد نه هئي، کيس پاڪستاني ايٽم بم جو ابو به سڏيو ويندو هو. هالينڊ ۾ قيام دوران هني خان نالي عرت سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس 2 نياڻيون ٿيون جيڪي شادي شده آهن. هن ڪهوٽا ۾ يورينيم جي افزودگي جو پلانٽ لڳايو ۽ پاڪستان کي پهريون اسلامي ايٽمي ملڪ بڻايو. ايٽمي ڌماڪي بعد ميان نواز شريف جي حڪومت ۾ ڊاڪٽر ثمير مبارڪ منڊ کي وڏي پذيرائي ڏني وئي ۽ سرڪاري طور اهو مشهور ڪيو ويو ته ٻين سا.ئنسدانن جو به ڪمال آهي رڳو قدير خان کي ڪريڊٽ ڏيڻ زيادتي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو