محرم ۾ عزادارن کي مڪمل سهولتون ڏينداسين، لغاري

ملير (رپورٽ شهزادو مستوئي)ڊپٽي ڪمشنر ملير گهنور علي لغاري ۽ ايس ايس پي ملير سيد عرفان بهادر جي صدارت هيٺ محرم الحرام جي حوالي سان اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ سني عالمن ۽ اهل تشيع عالمن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ محرم الحرام دوران سيڪيورٽي ۽ شهري انتظامن جو جائزو ورتو ويو، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ملير گهنور علي لغاري چيو ته محرم الحرام جي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ سني ۽ شيعا عالمن سان گڏجاڻي ڪئي آهي، جنهن ۾ سيڪيورٽي سميت ٻين انتظامن جو جائزو ورتو ويو آهي، هن چيو ته اسان جي ڀرپور ڪوشش آهي ته محرم الحرام دوران عوام ۽ عزادارن کي سموريون سهولتون ۽ بهترين سيڪيورٽي فراهم ڪيون ان ڪري سمورا انتظام ڪيا ويا آهن، هن چيو ته پوليس ۽ انتظاميا کي پابند ڪيو آهي ته محرم الحرام جي جلوسن ۽ امام بارگاهن ۾ عزادارن ۽ شهرين کي سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي ۽ هر ممڪن تعاون ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو