محدود حج، ڪعبي کي ڇهڻ تي پابندي، الڪوحل وارن سينيٽائيزر جي اجازت

رياض (ويب ڊيسڪ) ڪورونا وائرس جي وبا کي روڪڻ لاءِ سعودي عرب هن سال پرڏيهي حاجين تي پابندي هڻندي رڳو مقامي شهرين کي محدود پيماني تي حج جي رسم ادا ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي. 19 جولاءِ کان 2 آگسٽ تائين حج جي رسم ادا ڪرڻ لاءِ هڪ هزار مقامي ماڻهن کي اجازت هوندي. نماز جي ادائگي، ڪعبي جي طواف سميت سموريون مذهبي تقاضائون پوريون ڪرڻ وقت حاجي هڪٻئي کان ڏيڍ ميٽر جي فاصلي تي رهندا، ڪعبي کي هٿ نه لائيندا، يعني هجر اصود کي به فلائنگ ڪس ڪرڻي پوندي. منيٰ، مزدلفه، عرفات وغيره ۾ حج ڪندڙ يا سندن گائيڊ ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرڻ جا پابند هوندا. 50 هم چورس گز جي خيمي ۾ 10 کان مٿي ماڻهو نه هوندا، پرمٽ کانسواءِ داخلا تي بندش آهي، هر وقت ماسڪ پائڻو پوندو، جاءِ نماز هرڪو پنهنجي آڻيندو، قالين هٽايا ويندا. مسجدالحرام ۽ مسجد نبوي ۾ کاڌي پيتي جون شيون آنڻ تي پابندي هوندي. الڪوحل وارن سينيٽائزرز سان هٿ ڌوئڻا پوندا، شيطان کي هڻڻ واريون پٿريون ٿيليهن ۾ الڪوحل واري سينيٽائزر سان ڌوئي بند ڪري 50 ڄڻن جي گروپ کي فراهم ڪيون وينديون. ياد رهي ته سعودي عرب ۾ 6 جولاءِ منجهند تائي 2 لک 9هزار 500 کان مٿي ماڻهو ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي چڪا هئا، هڪ لک 45 هزاري کان مٿي صحتياب ٿي ويا آهن ۽ مرندڙن و انگ 1916 رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو