محترم ادارا اوهان قوم جا آهيو،نااهل خان خاطر قوم سان نه وڙهو،مريم

ڪراچي(نمائندن وٽان) مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نوازڪنهن به اداري جو نالو کڻڻ کانسواءِ چيو آهي ته عزت وارا ادارا اوهان قوم جا ادارا آهيو، ناڪام خان جا ادارا ناهيو،  نااهل خان جي خاطر قوم ۽ عوام سامهون نه ٿيو. اهڙو اظهارهن ڪوئٽا ۾ اپوزيشن پاران ڪارو ڏينهن ملهائڻ جي سلسلي ۾ منعقد ڪيل جلسي کي خطاب م ڪيو. اپوزيشن پاران چئني صوبائي هيڊ ڪوارٽرز ۾ جلسا منعقد ڪيا، مولانا فضل الرحمان، اسفند يار ولي، آفتاب شيرپائو ۽ ٻين پشاور ۾ جلسو ڪيو، مريم نواز، محمود خان اچڪزئي ۽ ٻين ڪوئٽا ۾، بلاول ڀٽو ۽ ٻين ڪراچي ۾ ۽ شهباز شريف ۽ قمر الزمان ڪائره لاهور ۾ جلسا ڪيا. جڏهن ته اسلام آباد م نيشنل پريس ڪلب کان پارليامينٽ تائين گڏيل اپوزيشن مسلم ليگ (ن) جي ميزباني ۾ جلوس ڪڍيو. مريم نواز وڌيڪ چيو ته ووٽ جو احترام ڪريو، گذريل سال 25 جولاءِ تي اوهان عوامي مينڊيٽ کي بوٽن سان ڪچليو هو تڏهن اسان ملڪ ۾ ان جي ياد ۾ ڪارو ڏينهن ملهايو آهي. مريم نواز چيو ته بلوچستان ۾ اسين حڪومت ٺاهي سگهون پيا پرعبدالمالڪ بلوچ کي وزيراعليٰ ٺاهيو، 2012 ۾ خيبرپختونخوا ۾ به حڪومت آساني سان ٺهي وڃي ها پر اسان پي ٽي آءِ کي حڪومت ٺاهڻ ڏني، اهو آهي ووٽ جو احترام. هن سوال ڪيو بلوچستان عوامي پارٽي ڪٿان آئي، معزز ميمبرن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري زوري ان پارٽي ۾ ڪنهن شامل ڪيو؟. هوڏانهن بلاول به نالو کڻڻ کانسواءِ ادارن کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان اسان کي لياري ۾ هارايو، سڀني پارٽين چيو ته پولنگ اسٽيشن اندر فوجي مقرر نه ڪريو پر اوهان ڳالهه نه مڃي، گهوٽڪي اليڪشن ۾ اوهان هر هيلو هلايو پوءِ به هارائي ويو، هو ان باري ۾ تنقيد ڪندي مختلف واقعا ڳڻائي رهيو هو ته اوچتو سڀني ٽي وي چينلن تان ڪوريج ختم ڪئي وئي. بلاول ۽ مريم جي تقريرن جو محور ادارا هئا پر مريم به ڪوريج ڪٽجڻ جي دانهن ڪئي آهي. پنجاب حڪومت جي نئين اطلاعات واري وزير جي هر ڳالهه براهه راست نشر ٿي پر اپوزيشن جي ڪوريج تي پابندي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو