“محبت سنڌ ريلي” فائرنگ ڪندڙ جي ضمانت منظور

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ 7 سال اڳ  ”محبت سنڌ ريلي“ تي فائرنگ ڪري عزاله بتول صديقي سميت 6 ڄڻن کي قتل ۽ 19 ڄڻن کي زخمي ڪرڻ جي ڪيس ۾ گرفتار ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن  پرويز اشرف جي ضمانت منظور ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو . عدالت اهڙو حڪم جوابدار پاران ضمانت لاءِ داخل ڪيل درخواست منظور ڪندي ڏنو. عدالت ٻڌڻي شروع ڪئي ته سرڪاري وڪيل سندس ضمانت واري درخواست جي مخالفت ڪندي چيو ته جوابدار پرويز اشرف  ايم ڪيو ايم جي اعليٰ قيادت جي حڪم تي لائٽ هائوس ويجهو محبت سنڌ ريلي تي فائرنگ ڪئي. ريلي تي فائرنگ سبب هڪ عورت سميت 6  ڄڻا مارجي ويا هئا ۽ 19 زخمي ٿي پيا.  ان موقعي تي جوابدار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ڄاڻايل ڪيس ۾ جوابدار چئن سالن کان جيل ۾ آهي جڏهن ته استغاثه طرفان شاهد پيش نه پيا ڪيا وڃن جنهنڪري سندس ضمانت منظور ڪئي وڃي جنهن تي  عدالت ڄاڻايل جوابدار پرويز اشرف  جي 4 لک رپين عيوض ضمانت منظور ڪري ڇڏي. ياد رهي ته ان کان سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ دهشتگردي جي انت واري عدالت ٻه ڀيرا جوابدار جي ضمانت رد ڪري ڇڏي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو