محبت ديرو پوليس جي ظلم کان بچايو، ڳوٺاڻا

نوشهروفيروز (ڊ ر) ڪنڊيارو ويجهو ڳوٺ ڇتو گانداهي جي رهواسي ڳوٺاڻن پاران محبت ديرو پوليس جي زيادتين ۽ گهر تي چڙهائي خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي ڳوٺاڻي عبدالهادي گانداهي ٻڌايو ته هن جي وڏن کان وٺي 100 سالن تائين هارپي هيٺ 33 ويسا زمين جتوئي برادري جي ماڻهن کان خريد ڪئي آهي، جنهن تي پوليس کاتي ۾ وائرليس آپريٽر ڀائر سڪندر علي گانداهي ۽ مريد گانداهي سندس خاندان لاءِ عذاب بڻجي ويا آهن. پوليس اهلڪارن ايس ايڇ او محبت ديرو جي معرفت سندن گهرن تي چڙهائي ڪرائي، چادر ۽ چارديواري جو تقدس پائمال ڪندي پوليس گهرن ۾ ڪاهي پئي عورتن ۽ ٻارن تي تشدد ڪيو ۽ گهر مان کيس کنڀي کڻي وئي ۽ لاڪپ ڪري ڇڏيو ۽ آزادي لاءِ مائٽن کان 50 هزارن جي گهر ڪئي ۽ بعد ۾ 25 هزار روپيا رشوت وٺي کيس آزاد ڪيو ويو. هن چيو ته کيس پوليس جي ظلم کان بچايو وڃي گهر تي چڙهائي ڪندڙ اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪري کيس انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو