چونڊ پرامن، محمد بخش خان ڪامياب، گوهر پيليس تي سوڳ

ڪراچي(رپورٽنگ ٽيم:  ظهيروسير، حميد ڪلادي، اسلم آزاد، حميد سيال، حضرت گل پٺاڻ) گهوٽڪي جي قومي اسمبلي جي تڪ 205 تي ابتدائي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب پي پي اميدوار سردار محمد بخش خان مهر 89359 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو. سندس مخالف ۽ ڀاڻج آزاد اميدوار احمد علي خان مهر جنهن اعلان ڪيوهو ته کٽڻ بعد تحريڪ انصاف ۾ شموليت جو اعلان ڪيو هو، تنهن 70848 ووٽ حاصل ڪيا. پيپلز پارٽي جو اميدوار 18511 ووٽن جي ليڊ تي ڪامياب ٿيو. قومي اسمبلي جي تڪ 205 تي 290 پولنگ اسٽيشن هيون ڪل ووٽر 360875 ووٽر هئا. امن امان جو انتظام بهترين رهيو ۽ هلڪن ڦلڪن جهيڙن باوجود مجموعي طور چونڊ عمل پرامن رهيو. اليڪشن ڪميشن ووٽنگ متاثر ڪرڻ جي الزام هيٺ حليم عادل شيخ، دعا بتول ڀٽو ۽علينواز مهر کي منجهند ڌاري حلقه بدر ڪرڻ جو حڪم ڏنو جنهن تي عمل نه ٿي سگهيو، حليم عادل پريس ڪانفرنس ڪري اليڪشن ڪميشن جي فيصلي جي مذمت ڪندي مڃڻ کان انڪار ڪيو. ٻنهي ڌرين هڪٻئي تي چونڊن ۾ مداخلت جا الزام هنيا. سياسي طور تي علائقي جو پاڻ کي ڊان ۽ ناقابل شڪست سمجهندڙ علي گوهر خان مهر جي سياسي مستقبل تي سواليا نشان لڳي ويا، گوهر پيليس تي سوڳ وارو ماحول آهي، خوف وارو ماحول ختم ٿيندو نظر اچي ٿو. روايتي وڏيرا هارائي وڃڻ بعد ڪو بيماري جو بهانو ڪري ڪو سياحت جي بهاني علائقو ڇڏي ويا. ڪجهه پولنگن تي علي گوهر خان مهر جي حامين گوڙ ڪيو ۽ ٽي ٽي ڀيرا ڳڻپ ڪرائڻ بعد به کين شڪست ملڻ تي ڪنڌ هيٺ ڪري کسڪندا ويا.

سنڌيار پاران نتيجا بريڪ ڪيا ويا ۽ پولنگ وار رات دير تائين نمائندن جي موڪليل نتيجن موجب خانپور مهر لڳ پولنگ اسٽيشن نورنگ مهر بمبلي تي پي پي 730، آزاد اميدوار 228، مٺو مهر تي آزاد 111 ۽ پي پي 43، سخيرو پولنگ تي پي پي 421، آزاد 135، آچار مهر پي پي 309 ۽آزاد 21 ووٽ کنيا. پيراڻو مهر ۾ پي پي 409، آزاد 29، پولنگ نمبر 196 تي پي پي 72 ۽ آزاد 8، بچل گبول پي پي 164 ۽ آزاد 84، کاهي دڙو آزاد 262 ۽ پي پي 64، مشڪول گڏاڻي پي پي 227 ۽ آزاد 105  ووٽ کنيا. جمشيد بوزدار آزاد 115، پي پي 70، عالم گڏاڻي آزاد 181 پي پي 302، غلام جٽ آزاد 306، پي پي 78، لنڊي ٽوڙي آزاد 36 پي پي 13، ٻٽو مهر آزاد 353 ۽ پي پي 53، ڀاڳسر آزاد 35، پي پي 176، شاهپور آزاد 306 پي پي 78، بهشتي ارباب آزاد 17 پي پي 532، لوهي آزاد 279 پي پي 505، گلزار مهر آزاد 546، پي پي 180، رحمت خان گبول آزاد 99 ۽ پي پي 450، خيرو مهر آزاد 166 پي پي 469 ووٽ کنيا. لنڊ بازار آزاد 443 ۽ پي پي 1261، دڙي چاچڙ ۾ آزاد 125 پي پي 477، جڙيو مهر آزاد 320 پي پي 20، پير بخش مهر آزاد 238 ۽ پي پي 38، رمضان ڀنڀرو آزاد 140 پي پي 244، واهي گهوٽو آزاد 133 پي پي 462، خانڳڙهه آزاد 302 پي پي 412، هاءِ اسڪول لوهي آزاد 155، پي پي 597، مٺڙي آزاد 45 پي پي 336 ، لنجاري آزاد 290 پي پي 565، امام بخش گبول آزاد 45 پي پي 336 ووٽ کنيا. ابراهيم مهر آزاد 111 ۽ پي پي 92، ٻيرڙي آزاد 999 پي پي 50، حيات پتافي آزاد 290 پي پي 436، لال مهر آزاد 419 پي پي 4، نيوي چڪ آزاد 270 پي پي 190 ديرو دادن خان آزاد 109 پي پي 264، ايوب لکڻ آزاد 169 پي پي 86، سارنگ گبول آزاد 85 پي پي 165، الهڏنو ڪلادي آزاد 393 پي پي 50، بهاول جسڪاڻي آزاد 134 پي پي 291، دڙو چاچڙ آزاد 86 پي پي 106، عالم ٽوٻو آزاد 48 پي پي 280، ارباب ڪلادي آزاد 467 پي پي 460، ڪمال مشوري آزاد 419 پي پي 366، شير دل بلو آزاد 115 پي پي 283، ٻيلو نائچ آزاد 592، پي پي 172، ملن مهر آزاد 218 پي پي 224، هدايتالله عارباڻي آزاد 167 پي پي 336، ولو مهر آزاد 383 پي پي 844، ممل جي ماڙي آزاد 430، پي پي 290، گل محمد گهوٽو آزاد 237 پي پي 120، ڊراڳو چاچڙ آزاد 173، پي پي 367، ممتاز ڪالوني گهوٽڪي آزاد 328 پي پي 81، انور آباد گهوٽڪي آزاد 638 پي پي 200، قادر پور آزاد 344 پي پي 467، حيات ملڪ آزاد 274 پي پي 525، کوهي گڻنگي آزاد 27 پي پي 748، سونو مهر آزاد 149 پي پي 113، خانپور هاءِ اسڪول آزاد 203، پي پي 800، مسو خان ڪلوڙ آزاد 291، پي پي 625، خانپور اي ڊي او آفس آزاد 161 پي پي 574، موٽڻ مهر آزاد 311 پي پي 830، خانڳڙهه پولنگ ن مبر 3، آزاد 172 پي پي 487، سچيڏنو ڪلوڙ آزاد 226 پي پي 458، ڌنو واهي آزاد 365 پي پي 425، موٽڻ مهر عورتن جو بوٿ آزاد 144، پي پي 544، لال عالماڻي آزاد 153 پي پي 657، ستارو مهر ۾ آزاد 490 پي پي 288، صالح مهر آزاد 377 ۽ 383پي پي، جهانپور آزاد 342، پي پي 334، وديالو اسڪول گهوٽڪي شهر مرد پولنگ آزاد 335 پي پي 590، رڪ فارم آزاد 313 پي پي 535، او سي عادلپور آزاد 53، پي پي 663، شيرو مهر آزاد 324 پي پي 432، سجاول ڌانڌو آزاد 121 پي پي 531، وڌڻ مهر آزاد 390 پي پي 531، حسن چاچڙ آزاد 135 پي پي 112،  ووٽ حاصل ڪيا.

پهنجو تبصرو موڪليو