متحده عرب امارات پاران وسيم اڪرم کي گولڊن ويزا جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ سوئنگ جي سلطان وسيم اڪرم کي دبئي جو گولڊن ويزا جاري ڪيو ويو آهي. هن ٽوئٽر تي جاري ڪيل پوسٽ ۾ چيو ته اهو اعزاز جي ڳالهه آهي ته دبئي حڪومت کيس ڪرڪيٽ لاءِ خدمتن جي اعتراف ۾ گولڊن ويزا جاري ڪيو آهي. وسيم اڪرم پنهنجي پوسٽ ۾ وڌيڪ لکيو ته دبئي بنا شڪ جي دنيا جي بهترين ڪاروباري مرڪزن مان هڪ آهي، موڪلن جي منزل ۽ دنيا جي ماڻهن کي ڳنڍيندڙ شهر آهي.سوئنگ جي سلطان اهو به چيو ته هو وڌيڪ وقت دبئي ۾ گذارڻ چاهي ٿو. ياد رهي هي ويزا سيڙپڪارن کي ملندي آهي ۽ هي ويزا رکندڙ شخص خاندان سميت ڊگهي عرصي تائين رهي سگهندو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو