مبينا طور ناري قتل، وارثن پاران ساهرن تي مارڻ جو الزام

نوابشاهه (ن سنڌ يار) تعلقي ٿاڻي نوابشاهه جي حد جي رھواسي محمد بچل زرداري جي نياڻي نازبا گل  کي مبينا قتل ڪيو ويو، جنھن جو لاش پيپلز ميڊيڪل اسپتال منتقل ڪيو ويو. جتي نازبا جي والد محمد بچل زرداري چيو ته منھنجي نياڻي نازبا کي سس سھڻي، ڏيرن محبوب علي، محمد صالح، رياض، ڏيرياڻي شبنم ۽ سندس مڙس جي پھرين گھرواري نسيما زھر ڏئي بعد ۾ گھٽا ڏئي قتل ڪيو آھي، جنھن بعد منھنجي نياڻي جو لاش  ٻاھران ڇڏي فرار ٿي ويا. ھن چيو ته منھنجي نياڻي سان ظلم ٿيو آهي، جوابدارن کي گرفتار ڪري مون سان انصاف ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو