ماڻهو مريخ تي پهتا پر ٿرين کي پيئڻ جو پاڻي ناهي، سراج الحق

اسلام ڪوٽ(رپورٽ صادق بجير) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير سراج الحق چيو آهي ته جماعت اسلامي ظلم، جبر، ڦرلُٽ جي خاتمي ۽ پاڪستان ۾ نظام مصطفى جو نظام قائم ڪرڻ چاهي ٿي، ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه آهي ته انسان مريخ تي سفر ڪري رهيو آهي، پر ٿر جا ماڻهو اڄ به پيئڻ جي صاف پاڻي لاءِ واجهائي رهيا آهن، ٿر ڪول باوجود هتي جا ماڻهو غربت،بُک ۽ بيروزگاري سبب پنهنجي معصوم ٻچن  سميت آپگهات ڪرڻ تي مجبور آهن، ظالم ۽ بي حس حڪمرانن جي ڪري اڄ ٿر جي اها صورتحال آهي، عوام هاڻي پنهنجي حقن لاءِ جماعت اسلامي جي پليٽ فارم تان اُٿي کڙو ٿئي، پاناما وانگر پينڊورا پيپرز ۾ به ڪنهن غريب جو نه بلڪه وڏن ماڻهن ۽ سياستدانن، جا نالا آيا آهن اهڙن ڪرپٽ ماڻهن جي ڳچيءَ ۾ هٿ وجهڻ جو ٽائم اچي ويو آهي، جماعت اسلامي بنا ڪنهن فرق جي سڀني چورن جو احتساب چاهي ٿي، اسان جو مقابلو ڪنهن فرد سان نه بلڪه هن ظالماڻي نظام سان آهي.سنڌ باب الاسلام ۽ امن جي ڌرتيءَ آهي جنهن کي حڪمرانن برباد ڪري ڇڏيو، پيپلزپارٽي، نواز ليگ ۽ پي ٽي آءِ ملڪ کي لُٽيو آهي، سندن ڪرپشن، بدامني، عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو، موجوده حڪمرانن ملڪ کي معاشي طور تي تباهه ڪري ڇڏيو، موجوده حڪومت سوا ٽن سالن دوران پارليامينٽ کان فقط 57 قانون پاس جڏهن ته 65 آرڊيننس جاري ڪيا ويا، صدرِ پاڪستان جو گهر آرڊيننس فيڪٽري بڻجي چڪو آهي جتي حڪومت جي مرضي جا آرڊيننس ٺاهيا وڃن ٿا، پوري ملڪ جو نظام صدارتي آرڊيننس ذريعي هلايو پيو وڃي. پينڊورا پيپرز ۾ ظالم جاگيردارن، واپارين، ججز، بيوروڪريٽس ۽ اڳوڻن فوجي جرنيلن جا نالا شامل آهن، جماعت اسلامي جو موقف آهي ته انهن سڀني جو احتساب ٿيڻ گهرجي، پاڪستان جا شهري ٻاهرين ملڪن مان رت پگهر جي ڪمائي موڪلين ٿا ۽ هي قومي خزاني مان اها رقم چوري ڪري ٻاهرين ملڪن ۾ آف شور ڪمپنين ۾ رکن ٿا اهو ڪٿان جو انصاف آهي، جماعت اسلامي اهڙن چورن جو پيڇو ڪندي، اسان پنهنجي وڪيلن جي مشوري سان سُپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪنداسين.اهڙن خيالن جو اظهار هن اسٽيڊيم گرائونڊ اسلام ڪوٽ ۾ رٿيل عوامي جلسه عام کي خطاب دوران ڪيو. ان کان اڳ سندس ٺٽو، بدين، مٺي ۽ اسلام ڪوٽ ۾ مختلف هنڌن تي زبردست استقبال ۽ گُلن جي ورکا ڪئي وئي، ان موقعي تي هن آيل ڪارڪنن کي خطاب ۽ ميڊيا جي نمائندن سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي، جڏهن ته معزز مهمان کي سنڌ جي سوُکڙي اجرڪ ۽ ٿري شال پڻ پيش ڪئي وئي. سراج الحق مطالبو ڪيو ته ٿرپارڪر جي خوشحالي لاءِ هتي ڪينال سسٽم آندو وڃي، انجنيئرنگ يونيورسٽي قائم ڪري نوجوانن کي فني تربيت، ٿر ڪول ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار ڏنو وڃي. جڏهن به ڀارت ٿر جي سرحد کان پاڪ وطن تي حملي آور ٿيو ٿري ماڻهن ان جو ڄمي ڪري مقابلو ڪيو آهي، هتان جي نوجوانن کي هڪ نئين فورس جوڙي ان ۾ ڀرتي ڪيو وڃي ته جيئن بيروزگاري جي خاتمي سان گڏو گڏ هوءَ پنهنجي وطن جو دفاع پڻ ڪري سگهن.ڀارتي ٿر ۾ هرطرف ساوڪ ۽ زراعت ٿي رهي آهي، پر اسان جي ٿر ۾ حڪمرانن جي ڪرپشن جي ڪري ماڻهن جو رهڻ مشڪل، گذريل 13سالن کان لڳاتار سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي حڪمراني آهي، انهن جي بنگلن ۽ بينڪ بيلنس ۾ ته اضافو ٿيو آهي، پر عوام بدحالي، بُک ۽ بيروزگاري جي وَر چڙهيل آهن، هن ملڪ ۾ غربت ظالم حڪمرانن جي ڪري آهي، سرهندي جماعت سان گڏجي ظلم خلاف جهاد ڪنداسين.ان موقعي تي درگاه سرهندي جي سجاده نشين پير غلام مجدد سرهندي خطاب ڪندي چيو ته اسلام ڪوٽ جتان اڄ ڪارو سون نڪري رهيو آهي، اُتان جا ماڻهو بُک ۽ بدحالي جي ڪري خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهن، پاڪستان ٻه قومي نظريي تي وجود ۾ آيو هو، پر اڄ سڀ کان وڌيڪ حملا اسلامي شعائر مٿان موجوده حڪومت ۾ ٿي رهيا آهن، جماعت اسلامي جي پليٽ فارم تان ٿر جي قسمت کي بدلائي سگهون ٿا ان لاءِ ٿر جو عوام اسان جو ساٿ ڏئي.جلسي کي جماعت اسلامي سنڌ جي امير محمد حسين محنتي، نائب امير ممتاز حسين سهتو، خواجه معين الدين محبوب ڪوريجو، حضوربخش حضوري، پير عبدالله شاهه، پيرعلي شير سرهندي، عبدالسبحان سميجو ۽ حافظ عبدالغني بجير به خطاب ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو