ماڪڙ کي ڀڄائڻ لاءِ دُکيل باهه سارين جو ديرو ساڙي ڇڏيو

لکي غلام شاھ (نثارمنگي) ڳوٺ سائين بخش جعفري ۾ امير بخش جعفري جي سپر چانورن جي ديري کي باھ لڳڻ سبب 12 جريبن جو ساريالو فصل سڙي رک ٿي ويو. مالڪن ميڊيا کي ٻڌايو ته فصل کي ماڪڙ کان بچاءَ لاءِ دونهون دکايو جنهن جي اچانڪ چڻگ اٿي ڪري سپر چانور جي ديري کي لڳي جنهن جي ڪري هي واقعو پيش آيو آهي جنهن جي سبب اسان جو پورو ساريالو فصل سڙي رک ٿي ويو جيڪو 400 مڻ کان ويڪ اناج هو ۽ ان جي رقم 8 کان 9 لک روپيه آهي. سنڌ حڪومت يا ضلعي انتظاميا ته هن وقت تائين ماڪڙ کان فصل کي بچاءَ لاءِ ڪجھ نه ڪيو پر هاڻي اسان سنڌ حڪومت ۽ ضلعي انتظاميا کان اپيل ٿا ڪريون ته اسان جي ٿيل نقصان ۾ اسان سان سهڪار ڪن ته اسان سنڌ حڪومت ۽ ضلعي انتظاميا جا شڪر گذار رهنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو