ماڪن شاهه ۽ سندس گهرواري جو علاج ڪرايو، ساس

نئون ڪوٽ(رپورٽر پيارعلي نھڙيو )سنڌي ادبي سنگت شاخ نئون ڪوٽ پاران ثقافت کاتي سنڌ کان ڪهاڻيڪار ۽ ڪمپيئر ماڪن شاه رضوي ۽ سندس گهر واري جو علاج سرڪاري خرچ تي ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. شاخ جي عھديدارن چندر ولاسائي،وفا محمود،اياز رضوي،ڪيلاش شرما، مصطفي خاصخيلي پنھنجي بيان ۾ ثقافت کاتي سنڌ کان مطالبو ڪيو آهي ته معروف ڪمپيئر برک ڪھاڻيڪار ماڪن شاھ رضوي ۽ سندس گهر واري ليکڪا امر خورشيد شاھ ڪجھ مهينن کان بيمار آھن هنن جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائي سندن حياتي بچائي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو