ماڊل ڪورٽ قتل جي ٻن ڪيسن ۾ جوابدارن کي آزاد ڪري ڇڏيو

نوشھروفيروز(مشتاق حسين مري) ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ قتل جو ڏوھ ثابت نه ٿيڻ تي جوبدار ارشد آرائين کي باعزت بري ڪري ڇڏيو، جڏهن ته هڪ ٻئي ڪيس ۾ ساڳئي عدالت زال جي قتل جو ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي پڻ جوابدار کي باعزت بري ڪري ڇڏيو. خبر موجب ست سال اڳ نوشھروفيروز ٿاڻي تي سرڪار جي مديت ۾ ڪيس داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ويوهو ته ڪراچي کان پنجاب طرف ويندڙ  ڪوچ ۾ ڏوھاري قسم جا ماڻھو ويٺا هئا، پوليس وارن ڪوچ کي بيھڻ جو اشارو ڪيو پر بس ڊرائيور ارشد آرائين گاڏي بيهارڻ بجاء پوليس اھلڪار حاجي خان مستوئي مٿان گاڏي  چاڙھي اڳتي نڪري ويو جنهن سبب پوليس اهلڪار فوت ٿي ويو ۽ جوبدارن پڻ گاڏي مان ھوائي فائرنگ ڪئي جنهن بعد اسان بس جو پيڇو ڪيو ۽ ڀريا لڳ ان کي روڪيو جتي اسان ڪوچ ڊرائيور ارشد آرائين کي گرفتار ڪيو. ٻئي ڪيس  ۾ عدالت زال جي قتل جو ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي جوابدار کي باعزت بري ڪري ڇڏيو. 6 سال اڳ نوشهروفيروز ٿاڻي تي فريادي محمد حسين مري ڪيس داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو هو ته مير حسن مري جي منهنجي ڌيءَ مسمات زاهدان سان شادي ٿيل هئي شادي بعد هو ان کي ڪراچي وٺي ويو اسان جڏهن پنهنجي ڌيءَ سان ڪراچي ملڻ وياسين ته اها گهر ۾ موجود نه هئي اسان کي شڪ پيو ته مير حسن مري ۽ سندس ڀاءُ بچل مري اسان جي ڌيءَ کي قتل ڪري لاش غائب ڪري ڇڏيو آهي. جوابدار جي وڪيل ساجد علي رند عدالت ۾ پنهنجا دليل ڏنا. عدالت دليل ٻڌڻ بعد ناري جي مڙس محمد حسن مري تي قتل جو ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي باعزت ڪري ڇڏيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو