ماڊل ڪورٽس جي ڪاروائي جو وڪيلن پاران بائيڪاٽ

نوشھروفيروز(ن س) پاڪستان بار ڪائونسل جي احتجاج واري سڏ تي سنڌ جي مختلف شهرن مان مليل اطلاعات موجب ماڊل ڪورٽس جي ڪاروائي جو بائيڪاٽ جاري آهي. وڪيلن جو چوڻ آهي ته سندن مطالبن تي عمل ٿيڻ تائين احتجاج جاري رهندو. ٻين شهرن جيان نوشھرو فيروز جي ماڊل ٽرائل ڪورٽ ۾ اربع تي وڪيل پيش نه ٿيا ۽ ڪاروائي جو بائيڪاٽ ڪيو. وڪيل اڳواڻن چيو آهي ته خدشا ختم نه ٿيڻ تائين ڪو به وڪيل ماڊل ڪورٽ ۾ پيش نه ٿيندو ۽ خلاف ورزي ڪندڙ وڪيل جو لائسنس رد ڪيو ويندو. ان موقعي تي ايڊووڪيٽ امتياز حسين ميمڻ، عمردين پنهور ۽ ٻين چيو ته پاڪستان بار ڪائونسل پاران ماڊل ڪورٽن جي خلاف احتجاج ھلي رھيو آھي ان لاء ڪوبه وڪيل ماڊل ڪورٽن ۾ پيش نه ٿيندو. هنن وڌيڪ چيو ته جيستائين سپريم جوڊيشنل ڪائونسل پاران اسان جا خدشا دور نٿا ڪيا وڃن تيسين احتجاج جاري رهندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو