“ماهواري واري عورت جي هٿ جو کاڌو کائيندڙ ڪتو ٿي ويندو”

احمدآباد( ويب ڊيسڪ) ڀارتي گجرات جي ضلعي ڪڇ جي شهر ڀوڄ ۾ ڪالج جي شاگردياڻين جي ماهواري چيڪ ڪرڻ لاءِ سندن انڊر ويئر لاهڻ جي واقعي بعد ڪالج جي پرنسپل سميت 4 ماسترياڻين کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي. سهاجانند گرلز ايجوڪيشن انسٽيٽيوٽ جيڪو هندن جي هڪ مذهبي تنظيم سوامي نارائڻ جي انتظام هيٺ هلندو آهي ۽ هن ۾ اڪثر ٻهراڙين جون ڇوڪريون پڙهنديون آهن. هن ڪالج جا ماهواري بابت سخت ۽ عجيب قائدا آهن. هتي هڪ رجسٽر رکيل آهي جنهن ۾ ماهواري وارين ڇوڪرين جا نالا لکيا ويندا آهن.

اهو به قانون آهي ته ماهواري دوران ڇوڪري  ڪالج نه اچي، جيڪڏهن ايندي ته ڪلاس جي آخر ۾ علحده ويهندي ۽ ڪنهن به شاگردياڻي کي نه ڇهندي، ماني اڪيلي کائيندي ۽ برتن پاڻ ڌوئندي.ٻن مهينن کان رجسٽر ۾ ڇوڪرين جا نالا لکيل نه هئڻ ڪري پرنسپل سڀني ڇوڪرين جا ليڊي ٽيچرز معرفت ڪپڙا لهرائي سندن انڊر ويئر به لاهي اهو چيڪ ڪيو ويو ته ڪنهن ڪنهن کي ماهواري آهي. 11

فيبروري تي پيش آيل هي واقعو ميڊيا ۾ رپورٽ ٿيو ته 18 فيبروري تي پوليس پرنسپل ۽ سميت 4 ٽيچرز کي گرفتار ڪري عدالت مان جاچ لاءِ رمانڊ ورتو. ان دورن لاڳاپيل مذهبي تنظيم جي سربراهه سومي ڪرشنا سواروپ داس جي هڪ ويڊيو وائرل ٿي جنهن ۾ هو گجراتي زبان هڪ ميڙ کي خطاب ڪندي چئي رهيو آهي ته مردن کي جيترو جلد ٿي سگهي کاڌو پاڻ پچائڻ سکڻ گهرجي ۽ ماهواري واري عورت جي هٿ جو پڪل کاڌو نه کائو. جيڪو مڙس ماهواري واري عورت جي هٿ جو پڪل کاڌو کائيندو اهو اڳئين جنم ۾ ڪتو پيدا ٿيندو ۽ مڙس کانسواءِ ٻيا مرد جيڪي کائيندا اهي ڏاند يعني ڍڳا پيدا ٿيندا. جنه بعد ڀارتي سول سوسائٽي ۾ بحٿ شروع ٿي ويو آهي. سوامي ڪرشنا ويڊيو ۾ اهو به چوي ٿو ته جيڪو سندس ڳالهه تي عمل نه ڪندو اها سندن مرضي آهي پر هو جيڪو ڪجهه چوي پيو اهو هندو مذهبي ڪتابن ۾ لکيل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو