ماها شاهه ڪيس جي ٻن جوابدارن جي ضمانت منظور

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڊاڪٽر ماها شاهه جي ڪيس ۾ نامزد ٻن جوابدارن جنيد ۽ وقاص جي هڪ ڀيرو ٻيهر ضمانت منظور ٿي وئي آهي. ڪراچي جي مقامي عدالت جوابدارن کي 50-50 هزار رُپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي. جوابدارن اُن کان اڳ سنڌ هاءِ ڪورٽ مان ضمانت حاصل ڪئي هئي، پوليس جو چوڻ آهي ته ٻنهي جوابدارن خلاف عدالتي احاطي مان فرار ٿيڻ جو به ڪيس داخل ٿيل آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو