مانسهره ويندڙ ڪوچ ۽ ٽريلر ۾ خوفناڪ ٽڪر 6 فوت 22 زخمي

قاضي احمد )ن سنڌيار) قومي شاهراهه تي ڪوچ ۽ ٽرالر جي خوفناڪ ٽڪر سبب حادثي ۾ ڪوچ ڊرائيور سميت 6 ڄڻا فوت ۽ 22 کان وڌيڪ مسافر زخمي ٿي پيا اسپتال ۾ بيڊ نه هئڻ سبب زخمي زمين تي تڙپندا رهيا مانسهره کان ڪراچي ويندڙ مسافر ڪوچ قاضي احمد ويجهو قومي شاهراهه تي ٽرالر سان ٽڪر لڳڻ سبب روڊ تي ئي ڪلٽي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا موقعي تي ئي فوت ٿي ويا.

Photo Sindhyar

حادثي جي اطلاع تي مقامي ماڻهن, پوليس ۽ ريسڪيو عملدار حادثي واري جاءِ تي پهچي زخمي ٿيل عورتن ۽ ٻارڙن کي قاضي احمد اسپتال منتقل ڪيو جتي بيڊ نه هئڻ ڪري زخمين کي هيٺ پٽ تي سمهاريو ويو جيڪي تڙپندا رهيا جن کي بعد ۾ نوابشاهه ريفر ڪيو ويو. نوابشاهه ريفر ڪيل ڪوچ ڊرائيور سميت ٻن ڄڻ دم ڏئي ڇڏيو جنهن بعد فوتين جو انگ وڌي 6 ٿي ويو. فوتگين جي انگ ۾ اضافي جو خدشو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو