مانجهند ۾ ٻڏل ناري جو لاش هٿ، نئون ڪوٽ ۾ خودڪشي

مانجهند/ نئون ڪوٽ(نمائندن وٽان) سنڌو درياءَ ۾ پير ترڪڻ سبب ٻڏي ويل 12 سالن جي نينگري جو لاش اربع تي تري آيو، مقامي ٽوٻن ڪڍي وارثن حوالي ڪيو، جڏهن ته نئون ڪوٽ ۾ نوجوان پنهنجي زال ۽ سهري جي رويي سبب خودڪشي ڪري ڇڏي. مانجهند مان مهراڻ عمراڻي موجب ڳوٺ بٺو وٽان سنڌو درياه ۾ گذريل ڏينهن پيئڻ جو پاڻي ڀرڻ دوران ڪپر تان پير ترڪڻ جي نتيجي ۾ ٻڏي فوت ٿيل 12 ورهين جي نينگري هير ڌي عبداالرزاق چانڊيو جو لاش ڳريل حالت ۾  پاڻمرادو ٻاهري تري آيو جنهن کي مقامي ٽوٻن ٻاهر ڪڍي وارثن حوالي ڪيو جن کيس فوري دفن ڪري ڇڏيو. *** هوڏانهن نئون ڪوٽ مان پيارعلي نھڙيو موجب پبلڪ پارڪ جي رهواسي ٻن ٻارن جي پيءُ 25 سالا نوجوان محمد سرور کوسو ولد جمعو خان کوسو سندس زال ۽ سهري کان ناراض ٿي مبينه طور جيت مار دوا پي زندگي جو ڏيئو وسائي ڇڏيو. سندس والد جمعو کوسو صحافين کي ٻڌايو ته هو سهري جان محمد کوسو وٽ جهڏو ويجهو ڏاجهرو موري تي رهندو هو ڪجهه ڏينهن اڳ هن جو سندس زال ۽ سهري جان محمد کوسو سان ڪنهن ڳالھ تي تڪرارٿيو. منهنجي پٽ کي سندس سهري بيهوشي واري حالت ۾ منهنجي گهر منهنجي غير موجودگي ۾ ڇڏي هليو ويو هن جي زال ۽ٻار پاڻ وٽ روڪي ڇڏيا آهن هن الزام هڻندي چيو ته منهنجو پٽ اهڙو قدم ڪڏهن به نٿو کڻي سگهي  پر هن کي زال ۽ سهري زبردستي زهر ڏنو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو