مال چاريندڙ ناري مبينا طور هٿياربندن هٿان اغوا، ڪيس داخل

لکي غلام شاھ (نثارمنگي) ڳوٺ صادالله ناپر ڀرسان چوپايو مال چاريندڙ ۽ جھوپڙا اڏي ويٺل بنگلاڻي برادريءَ جي جھوپڙن مٿان هٿياربندن چڙهائي ڪري نوجوان ناري مسمات وزيران ڌي عيدن بنگلاڻي کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ڊاٽسن ۾ کڻي ويا. ناري جي پيءَ عيدن جي فرياد تي شهزادو، حاجي مبارڪ، صدورو، شهزادو بگٽي سميت 2 اڻڄاتل ماڻهن مٿان لکي غلام شاھ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. هوڏانهن بنگلاڻي برادريءَ احتجاجي مظاھرو ڪندي ناري جي والد ٻڌايو ته اسان اصل ڳوٺ شفيع لوهر تعلقه خانپور جا رهواسي آهيون، اسان کي پنهنجو ڳائو ۽ رڍن جو مال آهي اسان کي جتي گاھ ملندو آهي اسان اتي مال ڪاهي ويندا آهيون ۽ پنهنجا جھوپڙا اڏي رهندا آهيون. اسان اٽڪل 15 ڏينهن کان ڳوٺ صادالله ناپر ڀرسان رهندا آهيون. مان پنهنجي ڌيءَ وزيران سان گڏ مال چاري رهيو هيس ته جوابدارن نيري رنگ جي ڊاٽسن ۾ آيا ۽ ڊاٽسن بيهاري هٿيارن جي زور تي منهنجي ڌيءَ کي زبردستي گهلي کڻي ويا. هنن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي شڪارپور کي اپيل ڪئي ته نياڻي کي بازياب ڪرائي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. ٻئي طرف لکي پوليس پاران جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف جاين تي چڙهائيون ڪري ڇاپا هنيا ويا پر جوابدارن جي گرفتاري نه ٿي سگهي ۽ پوليس چوپايو مال ڪاهي ڍڪ حوالي ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو