مال پڙي کلي وئي، غير قانوني ٽيڪس جي اوڳاڙي شروع

ڪشمور )جي ايم کوسو )سنڌ حڪومت پاران ڪرونا وائرس جي عالمي وبا ڦھلجڻ بعد 4 مهينن کان بند مال پڙي اڄ ڪشمور۾ مال پڙي  ايس او پيز تحت  کولي وئي. ڊي سي ڪشمور منور علي مٺياڻي پاران چوپائي مال جي پڙي تي ايس او پيز تحت عمل ڪرائڻ جي سختي سان ھدايت ڪئي وئي. مقامي واپارين توڙي مالوندن سرڪاري حڪم هوا ۾ اڏائي ڇڏيو ڪنهن به ماسڪ پائڻ سميت هدايتن تي عمل نه ڪيو. واپارين سنڌ يار سان رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اڳي ڪورونا وائرس جي ڪري اسين بيروزگار ٿي ويا آهيون ۽ وري مال پڙي کولڻ جي ڪري ٻاھران واپاري گھٽ نظر اچي رھيا آھن واپارين جو چوڻ آهي ته جانورن کي ريٽ نه ھجڻ ڪري مالڪ جانور ڏيڻ لاءِ تيار نه آهن سياسي سماجي اڳواڻ محمد پناھ کوسو، حاجي گوڙو ۽ ٻين روزاني سنڌ يار سان رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڪشمور مال پڙي تي انڌيرنگري چرٻٽ راڄ لڳو پيو آهي.  ڪرپٽ حڪمران قابض بڻيل آهن وڏي مال پڙي تي في جانور جو ھڪ طرف 1000 کان 1200 سئو روپيا ۽ ننڍي مال پڙي مان في ٻڪري جو 300 کان 500 تائين ھٿرادو پرچي ٺاهي مال پڙي تان ٽيڪس اوڳاڙي پئي وڃي. سماجي اڳواڻن چيو آهي ته مال پڙي تي جيڪا ٽيڪس  اوڳاڙي وڃي ٿي اھا سرا سر غير قانوني آهي جيڪڏهن اها بند نه ڪئي وئي ته احتجاج ڪنداسين.ٽائون چيئرمين ڪشمور سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ليڪن هن ڪال اٽينڊ نه ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو