مال پڙي تي ويندي روڊ حادثو 2 ماڻهو ۽ 8 ٻڪريون فوت

گهوٽڪي (سليم فضل ڪلهوڙو) نيشنل هاءِ وي تي ٽرڪ ۽ ڊاٽسن جو ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ ٻه ڄڻا فوت ۽ ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا. نئوڪوٽ اسٽاپ ڀرسان ٽرڪ ۽ ڊاٽسن وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو جنھن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا ڳوٺ سونھانجڙو جو رھواسي گلڻ بوزدار ۽ يارو لنڊ جو رھواسي شاھ علي لنڊ ٿڏي تي فوت ٿي ويا.جڏھن ته صابر بوزدار ۽ افضل لاڙڪ سميت ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا ۽ 8 ٻڪريون به مري ويون. اطلاع تي پوليس پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو جتان ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا. ٻڌايو پيو وڃي ته حادثي جو شڪار ٿيل ميرپورماٿيلو کان ڏهرڪي مال پڙي تي وڃي رهيا هئا ته رستي ۾ حادثي جو شڪار ٿي ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو