مال جي ڦر تان جاگيراڻين ۽ سبزوئين ۾ جهيڙو 3 زخمي

غوثپور(ن س) جنگڻ ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ انور جاگيراڻي ۾ چوپائي مال جي ڦر تان سبزوئي ۽ جاگيراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو. جھيڙي دوران ٻنھي ڌرين ھڪ ڪلاڪ تائين ھڪ ٻئي مٿان جديد ھٿيارن سان فائرنگ ڪئي، گوليون لڳڻ سبب ڌنار شمن جاگيراڻي  سميت ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا.  جڏھين ته انور جاگيراڻي جون ٻه  ڀلوڙ مينھون  پڻ مري ويون. حد جي پوليس واقعي واري ھنڌ نه پھتي ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ آئي آھي، ڌريون مورچا بند بڻيل آهن جڏهن ته ٻنهي ڌرين ۾ وقفي وقفي سان فائرنگ جو سلسلو پڻ هلندڙ آهي

پهنجو تبصرو موڪليو