پائلٽ چيوجهاز۾ باهه آسماني بجلي سبب لڳي، حادثو پائلٽ جي غلطي آهي، تفتيشي

ماسڪو(م ڊ) روس ۾ مسافر هوائي جهاز ۾ ايمرجنسي لينڊنگ دوران باهه لڳي وئي جنهن سبب ٻن ٻارن سميت 41 مسافر فوت ٿي ويا، جهاز ۾ عملي سميت 78 مسافر سوار هئا. ان واقعي بابت روسي تفتيش ڪارن جو چوڻ آهي ته پائلٽ جي غلطي سبب حادثو پيش آيو. جڏهن ته پائلٽ ۽ مسافرن جو چوڻ آهي ته جهاز جڏهن گهاٽن ڪڪرن ۾ داخل ٿيو ته آسماني بجلي جو چمڪو ٿيو ۽ جهاز لڏي ويو ان سبب حادٿو پيش آيو. تفتيش ڪارن جو چوڻ آهي ته جهاز ۾ تيل جي ٽئنڪ ڀريل هئي پائلٽ جلدي ۾ لينڊنگ نه ڪري ها چڪر هڻي ڪجهه تيل کپائي ها ۽ ٻيو ته رن وي تي پهچڻ بعد هن انجڻ به بند نه ڪئي ۽ ڪاڪ پٽ جي دري به کليل هئي. ماسڪو جي مصروف ترين ايئرپورٽ تي فني خرابي سبب سومر تي جهاز هنگامي لينڊنگ ڪئي ته باهه لڳي وئي هئي. جهاز کي لڳل باهه دوران دونهين جا ڪڪراٿڻ لڳا. رن وي تان باهه لڳل جهاز مان ڪيترائي مسافر لهي ڀڄڻ لڳا ۽ پاڻ بچايو. روسي صدر پيوٽن افسوس ظاهر ڪندي مري ويلن سان ڏک جو اظهار ڪندي واقعي جي جاچ جو حڪم ڏنو هو. ڌيڪ جاچ جاري آهي ۽ بليڪ باڪس جي معائني بعد اصل خبر پوندي.

پهنجو تبصرو موڪليو