مارشلا لڳائيندڙ کي به قانون جي خبر ناهي هوندي،فائزعيسيٰ

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) سپريم ڪورٽ ۾ حساس اداري جي رٽائرڊ آفيسر جي گهر جي مالڪي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ موڪل جي وڪيل کان پڇيو ته پٽ جي نالي وصيعت تي آڱوٺن جا نشان ڇو ناهن؟ جنهن تي وڪيل چيو ته منهنجو موڪل فوجي آهي، ان کي قانون جي ڪهڙي خبر؟ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته قانون جو ته مارشل لا لڳائيندڙ فوجين کي به پتو ناهي هوندو، مارشل لا وارا چوندا آهن ته آئين کي ٽوڪري ۾ اڇلايو ، توهان جو موڪل ته مارشل لا وارو نه آهي، اهڙو موقف اختيار ڪندي پنهنجي موڪل جي بي عزتي نه ڪيو، وڪيل چيو ته جيڪڏهن درخواست رد ڪئي وئي ته ، منهنجو موڪل روڊ تي اچي ويندو ، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته جيڪڏهن توهان کي پنهنجي موڪل سان همدردي آهي ته کيس پنهنجي گهر ۾ رکو. هي عدالت آهي ، هالي ووڊ نه ، ڊرامن واري نه. قانون واري ڳالهه ڪريو، عدالت بعد ۾ درخواست رد ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو