مائي به اسانجي وئي مار به اسين ٿا کائون،انصاف ڪريو

ميرپور ماٿيلو(ظهير وسير) ڳوٺ سائينڏنو ملڪ مان نوجوان ناري کي اغوا ڪري شادي ڪندڙ جاويد ملڪ ۽ سندس مائٽ ٺاهه لاءِ ڌمڪيون ڏين ٿا. مائي نسيمان، مائي الھ ڏني، محمد اسماعيل، محمد نواز ملڪ ۽ ٻين احتجاج  ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ته اڍائي سال اڳ اسان جي نوجوان ناري گُل خاتون کي جاويد ملڪ اغوا ڪري ويو هيو، هاڻي جوابدار ڌر جاويد ملڪ، بنگُل، عبدالرحمان ۽ انور علي ملڪ اسان جي گهرن تي حملو ڪري مور خان کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا آهن، جنهن بعد ڏهرڪي ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿيل آهي پر پوليس جوابدار گرفتار نه ٿي ڪري، ڏهرڪي پوليس کيس گرفتار ڪرڻ بدران اسان کي ٺاهه لاءِ دٻاءُ وجهي رهي آهي. هنن چيو ته مائي به اسانجي وئي ۽ مار به اسان ٿا کائون.  هنن ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته اسان جي اغوا ٿيل نوجوان ناري کي واپس ڪرايو وڃي ۽ انصاف فراهم ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو