ماءُ ۽ ٻار صحت سينٽر جو ڊي سي افتتاح ڪري ڇڏيو

کڏڙو( رپوٽر ثناءالله ٽالپر)ماءُ ۽ ٻار جي صحت سينٽر جي بلڊنگ جو ڊپٽي ڪمشنر سانگھڙ پاران افتتاح ۔ ضلعي سانگھڙ ۾ صحت جون سھولتون بھترين آھن ۔ پي پي ايڇ آئي ضلعي اندر بھترين ڪم ڪري رھي آھي ۔ ڊي سي سانگھڙ ۔ شھرين پاران نانگ جي ڏنگ ۽ ڪتي چڪڻ جي وئڪسين لاء دانھون ۔ خبرموجب بنيادي صحت مرڪز کڏڙو جي بلڊنگ  اندر  ڊي سي سانگھڙ ڊاڪٽر عمران الحسن پاران ايم سي ايڇ سي  ( مڌر چائلڊ ھيلٿ سينٽر ) جي نئين بلڊنگ جو افتتاح ربن ڪٽي ڪيو ويو ۔ انھي موقعي تي تقريب کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالھائيندي ڊي سي سانگھڙ عمران الحسن چيو ته پي ايڇ آء پاران ضلعي ۾ بھترين نموني عوام کي سھولتون ڏنيون ويون آھن آئون کين خراج تحسين پيش ڪيان ٿو ۔ ضلعو سانگھڙ صحت جي سھولتن جي حوالي سان بھترين پوزيشن تي آھي ۔ انھي موقعي تي اي ڊي سي سانگھڙ بابر نظاماڻي ، ڊي ايڇ او سانگھڙ ڊاڪٽر امجد خان ، ڊي ايم عمر بشير ،  ميڊيڪل انچارج ڊاڪٽر ارشد ، شاھد جتوئي ، صابرحسين کوکر ۽ ٻيا شھري وڏي تعداد ۾ موجود ھئا

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو