ماءُ ۽ ٻار جو لاش هٿ، جهيڙن ۾ هڪ فوت 32 زخمي

ڪراچي (نمائندن وٽان) گڊو بيراج مان هڪ عورت ۽ معصوم ٻار جو لڙهندڙ لاش هٿ آيو آهي، جڏهن ته سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مختلف ڌرين ۾ جهيڙن ۽ حادثن م هڪ فوت 32 ڄنا زخمي ٿي پيا آهن. ***اوٻاوڙو مان غلام علي رند موجب ڳوٺ ميرخان رند ۾  گهر جي گهٽي کان مٽي جي ٽرالي ڪراس ڪرڻ تي رند برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب ٻن عورتن سميت 6 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا.

زخمين مان عبدالغفور رند جلالدين  رند فرزند عمران مسمات نظيران  مسمات حياتان سخت زخمي ٿي پيا. اطلاع تي اوٻاوڙو پوليس پهچي جهيڙي تي ضابطو آڻڻ بعد گهٽي مان ٽريڪٽر ٽرالي ڪراس ڪرائڻ بعد زخمين کي اوٻاوڙو ٿاڻي تي کڻي آئي ۽ زخمين کي علاج لاءِ ليٽر ڏيئي سول اسپتال منتقل ڪيو اسپتال ۾ موجود ذيشان رند صابر رند ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته اسان پنهنجي گهر اندر مٽي پئي وجهرائي ته اقبال رند وارن حملو ڪيو. ***پنوعاقل مان سنتوش ڪمار موجب سانگي ٿاڻي جي حد ڳوٺ واحد بخش سيال ۾ سيال برادري جي ٻن ڌرين ۾ مبينا طور ڪارنھن جي الزام تان جھيڙو ٿي پيو لٺيون ۽ ڪھاڙيون لڳڻ سبب ٻنھي ڌرين جا ھڪ عورت سميت ست ڄڻا زخمي ٿي پيا جڏھن ته ھڪ ڌر پاران فائرنگ پڻ ڪئي وئي آھي.

جھيڙي ۾ زخمي ٿيل ھڪ عورت مسمات صاحب خاتون سميت 6 مردن غلام سرور الھيار سيال ، محمد سيال ،اسرار سيال عبدالغفار سيال ۽ واحد بخش سيال کي سانگي پوليس علاج لاءِ تعلقه اسپتال پنوعاقل کڻائي پھتي جتي زخمين جو علاج ھلندڙ آھي جڏھن ته زخمين ۾ ٻن ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ھئڻ ڪري سکر ريفر ڪيو ويو آهي، زخمين ۾ ھڪڙي ڌر اسرار سيال الزام ھڻندي چيو ته الھيار سيال وارن ڌر ڏانھن اسانجا پئسا ھئا جيڪي وٺڻ وياسين ته انھن جھيڙو ڪيو جڏھن ته ٻي ڌر ۽ ڪارنھن الزام ھيٺ آيل ناري خورشيد جي وارثن موجب اسرار واري ڌر اسانجي گھر اچي چيو ته توھانجي ڇوڪري علائقي جي نوجوان امير ميراڻي سان ڪاري آھي ناري کي اسانجي حوالي ڪيو جنھن تي اسان چيو ته توھان ڪير ٿيندا آھيو اسانجي نياڻي مٿان ڪارنھن الزام ھڻڻ وارو جنھن تي ھنن فائرنگ ڪندي اسان مٿان تشدد ڪيو.ناري جي وارثن موجب اسانجي نياڻي ڪاري ناھي اسانجي نياڻي مٿان غلط الزام لڳايو پيو وڃي الزام ھيٺ آيل ناري جي والده مسمات صاحب خاتون سميت ٻنھي ڌرين جا ست ڄڻا زخمي ٿي پيا.***گڊو  مان فرحان قريشي موجب بئراج تي مقرر پرائيويٽ سيڪورٽي گاردبئراج جي گيٽ نمبر 9 ۾ هڪ نامعلوم لاش لڙهندي ڏسي پوليس کي اطلاع ڪيو جنهن بعد گڊو پوليس ٽوٻا نه هجڻ سبب پنج ڪلاڪن بعد لاش کي پاڻي مان ٻاهر ڪڍي ورتو ته عورت سان گڏ معصوم نئين ڄاول ٻار جو لاش پڻ گڏ مليو رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او گڊو غلام قادر جتوئي ٻڌايو ته ٻنهي لاشن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي ڪو به وارث ظاهر نه ٿيو، لاشن کي پوسٽ مارٽم بعد لا وارث طور دفنايو ويو آهي.***شيخ ڀرڪيو مان مظفر علي بروهي موجب ڳوٺ خان محمد ٿهيم ۾ ٿهيم برادري جي ٻن ڌرين ۾ فصل جي ڀيل تان جهيڙو ٿي پيو ڪهاڙيون لڳڻ سبب هڪ ڄڻو مراد ٿهيم شديد زخمي ٿي پيو زخمي کي پوليس ليٽر جاري ڪندي راڄو نظاماڻي اسپتال ريفر ڪيو.

جڏهن ته شيخ ڀرڪيو ٿاڻي تي محمد علي ٿهيم شمس ٿهيم امداد ٿهيم تي اين سي داخل ڪئي وئي آهي.**ٽنڊو غلام حيدر مان ميرحسن رند موجب خاصخيلي ۽ لغاري برادري ۾ زميني  تڪرار تان جهيڙو ، ڪهاڙيو لٺيون لڳڻ سبب 10 ماڻھو زخمي ۽ هڪ فوت ٿي ويو. جهيڙي دوران خاصخيلي برادري جا ماڻهو پيرل؛ سجاد؛ غلام رسول ۽ ٻي طرف لغاري برادري جا ماڻهو جان محمد لغاري؛ غلام محمد لغاري؛ ارباب لغاري ۽ 50 سالن جو پوڙهو عرف کمون لغاري جهيڙي دوران سخت زخمي ٿيڻ جي ڪري  فوت ٿي ويو ۽ 3 زخمين غلام محمد؛ علي غلام؛ جانو لغاري کي  ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد سول اسپتال ريفر ڪيو  ويو آهي.

جهيڙي جي اهڙي خوفناڪ صورتحال کانپوء علائقي ۾ سخت خوف ڇانئيل آهي جڏهن ته جهيڙي دوران فوت ٿيل پوڙهو عرف کمون لغاري جي لاش کي ٽنڊو غلام حيدر پوليس پاران  ڪاروائي لاء سول اسپتال آندو ۽ ضروري ڪاروائي ٿيڻ کان پوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آخري اطلاع ملڻ تائين واقعي جو اڃان تائين ڪوبه  ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو. آھي پوليس ڳوٺ ۾ پڪيٽ قائم ڪري ڇڏي آهي***ڊگھڙي مان نويد شاهه موجب ميرپورخاص روڊ تي شمس ٽائون ويجهو چنگچي رڪشا ڊرائيور کي ننڊ جو جهٽڪو اچڻ ڪري ڪنٽرول مان نڪري ڪلٽي ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ چنگچي رڪشا ۾ سوار جهڏو ڀرسان روشن آباد جا رهواسي سڪينا زال آچار نوتڪاڻي،چيني زال راوت، سائين بخش ولد علي نواز نوتڪاڻي ۽ علي نواز ولد راوت نوتڪاڻي زخمي ٿي پيا زخمين کي فوري طور تعلقه اسپتال ڊگهڙي  پهچايو ويو جتي ڊاڪٽرن کين طبي امداد ڏئي روانو ڪيو. فراهم ڪئي وئي. ***سيٺارجا مان سجاد علي ڪٻر موجب زمين جي مالڪي تان سهتا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ، لٺين ۽ ڪهاڙين جي استعمال سبب پوليس اهلڪار سميت ٻنهي ڌرين جا 5ڄڻا زخمي, اسپتال داخل پوليس پاران ٻنهي ڌرين جا 6ڄڻا گرفتار , جهيڙي واري زمين تي پوليس پڪٽ قائم ڪري ڇڏي.

ڳوٺ کبڙ سهتو ڀرسان زمين جي مالڪي تان هلندڙ پراڻي تڪرار تي سهتا برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪڻڪ جو فصل کڻڻ تان جهيڙو ٿي پيو جنهن ۾ فائرنگ , لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب هڪ ڌر جو پوليس اهلڪار صوبيدار غلام سرور سهتو, سندس ڀاء شفيع محمد۽ ٻه ڀائٽيا غلام اڪبر ۽ سرتاج احمد جڏهن ته ٻي ڌر جو عبدالستار سهتو شديد زخمي ٿي پيا جن کي ميرواه اسپتال داخل ڪرايو ويو آهي ٻڌايو ويو آهي ته عبدالستار سهتو ۽ غلام سرور کي گوليون لڳل آهن اطلاع ملڻ تي سيٺارجا پوليس واقعي واري هنڌ پهچي  جهيڙي کي وڌيڪ وڌڻ کان روڪڻ لاء ڌرين جا 6ماڻهون گرفتار ڪري تڪرار زمين تي پوليس پڪٽ قائم ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته شام دير تائين واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿيو هو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو