مئنيجر کي ڪورونا، بئنڪ بند، کاتيدارن جو احتجاج

ٺٽو (جاويد لطيف ميمڻ ) ڪورونا سبب سنڌ بئنڪ 4 ڏيينهن کان بند هئڻ سبب شهري ۽ ميونسپل جا ملازم پريشان آهن، جن جمعي تي برانچ آڏو احتجاج ڪندي بئينڪ کولڻ جو مطالبو ڪيو. ملازمن جو چوڻ ھو سندن پگهارن جا پئسا کاتن م پيل آهن پر مئبيجر کي ڪورونا هئڻ سبب پوري برانچ بند آهي. ٻيو اسٽاف موجود آهي هو بئنڪ هلائي سگهي ٿو. هنن ميونسپل ڪميٽي چيئرمين ممتاز علي ميمڻ کي اپيل ڪئي تـ سنڌ بينڪ انتظاميا کان فون ڪري جلد بينڪ کولائين. ياد رهي ته سنڌ بئنڪ جي مينيجر آصف ميمڻ جي ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو اچڻ ڪري برانچ کي اڻڄاڻايل مدي تائين بند ڪيو ويو آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو