لڳي ٿو “بندر جي هث ۾ استرو” اچي ويو آهي، زرداري

اسلام آباد( بيورو رپورٽ) هنن کان ملڪ ڪو نه پيو هلي، اوهان جي گاڏين تي به ٽيڪس هنيو اٿائون، لڳي ٿو بندر جي هٿ ۾ استرو اچي ويو آهي. اهڙو اظهار اڳوڻي صدر آصف علي زرداري احتساب عدالت ۾ پيشي وقت صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن کان جڏهن پڇيو ويو ته حامد مير کي ڏنل انترويو ۾ اوهان ڇا چيو هو جو انٽرويو روڪيو ويو، زردار چيو ته هڪ اهم شخصيت خلاف لنڊن ۽ آمريڪا ۾ هڪ جاچ هلي پئي ۽ اسانجي حڪومت آئي ته نيب ان ڪيس کي کڻندو. هنرانا ثناءُ الله خلاف منشيات ڪيس جي مذمت ڪندي چيو ته اهو ظلم آهي. هن چيو ته مون تي به منشيات جو ڪيس ٿيو هو(نواز شريف دور ۾) ان ۾ منشيات برآمد نه ٿي هئي پر پوءِ به پنج سالن ۾ ڪيس ختم ٿيو. هن هڪ سوال جي جواب ۾ فوج جونالو کڻڻ کانسواءِ چيو ته موجوده حڪومت کي في الحال اهم طاقت جي مدد حاصل آهي، سياستدانن ۽ ميڊيا کي قابو ڪيو ويو آهي پر اهو ڪيستائين هلندو، ڪمزور ماڻهو ائين ڪندا آهن. ان کان اڳ احتساب عدالت جي جج محمد ارشد ملڪ جي عدالت ۾ کيس پيش ڪيو ويو ۽ سندس جسماني رمانڊ ۾ واڌ جو مطالبو ڪيو، جج 15 جولاءِ تائين رمانڊ ۾ واڌ ڪري ڇڏي. ان موقعي تي نيب جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته زرداري قومي اسمبلي جي اجلاس ۾ هوندو هو ان ڪري جاچ اڌ رهجي وئي آهي. فاروق نائڪ پڇيو ته اڃا گهڻن ڪيسن ۾ گهربال آهي ته نيب جي وڪيل چيو ته اهو هن وقت نٿا ٻڌائي سگهون جاچ هلي پئي. ٻئي پاسي سومر تي آصف علي زرادري جيو جي حامد مير کي انٽرويو ڏنو هو جنهن ۾ هن انڪشاف ڪيو هو ته  لنڊن ۽ آمريڪا ۾ وزيراعظم عمران خان خلاف جاچ هلي پئي ۽ تمام جلد هڪ وڏو اسڪينڊل سامهون اچڻ وارو آهي. انٽرويو آن ايئر ٿيو ته چند منٽن بعد بند ڪندي انتظاميا اعلان ڪيو ته هو وڌيڪ انٽرويو نٿا هلائي سگهن. جنهن بعد حامد مير ٽوئٽ ڪيو ته هو پنهنجي ڏسندڙن کان معذرت ٿو ڪري. هن چيو ته ان مان آساني سان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڪنهن روڪيو آهي، هن ملڪ ۾ اظهار راءِ جي آزادي ناهي، اها ملڪ جي بدنامي آهي ۽ اسان کي دشمنن جي ضرورت ناهي. حامد مير اعلان ڪيو آهي ته هو جلد انٽرويو جا تفصيل شيئر ڪندو ۽ جيڪو ڪجهه هن ڪيو اهو غلط ناهي. هن سوال ڪيو ته ڇا اڳوڻو صدر طالبان ترجمان احسان الله احسان کان وڏو دهشتگرد آهي؟ طالبان ترجمان جو انٽرويو سيڪورٽي فورسز جي حراست مان نشر ٿيو هو مون ته پارليامينٽ ۾ انٽرويو ڪيو آهي. هوڏانهن بلاول ڀٽو چيو آهي ته هن سليڪٽيڊ حڪومت کي سليڪٽڊ آواز ٻڌڻ جي عادت آهي ۽ هي پابندي ضيا دور جي پابندي کان مختلف ناهي، نيئر بخاري ۽ ٻين پڻ انٽرويو آن ايئر نه ڪرڻ جي مذمت ڪندي چيو آهي ته اها اظهار راءِ جي آزادي تي پابندي آهي

پهنجو تبصرو موڪليو