ليڊرن جي اوقات ئي ناهي جو پارٽي کي تقسيم ڪن؛ خالد مقبول

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته گذريل ڏينهن حڪومتي وفد سان ملاقات ۾ سنجيدگي جو پهلو نظر آيو اميد آهي ته مطالبن تي مثبت ۽ تيزي سان پيش رفت ٿيندي. هن چيو ته جنهن طبقي ملڪ ٺاهڻ کان پهرين پاڪستان جي مخالفت ڪئي بدنصيبي سان ملڪ جون واڳون انهن جي هٿن ۾ اچي ويون آهن. هاڻي انهن کي خبر پئي آهي ته ڪراچي کان گادي اسلام آباد کڻي ته ويا آهن پر معاشي ۽ نظرياتي گادي جو هنڌ نه ٿا کڻي وڃي سگهن. هن چيو ته قائد اعظم محمد علي جناح ڪراچي کي ملڪ جو گادي وارو شهر بڻايو هو. مهانگائي بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڏسڻو اهو آهي ته 11 سالن جي معاشي دهشتگردي خلاف حڪومت ڪيتري سنجيدهه آهي ۽ ان کي ڪيئن ٿي حل ڪري سگهي اسان کي تسليم ڪرڻو پوندو ته مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ جيڪي ڪوششون ڪرڻيون هيون اهي نه ورتيون ويون. حقيقت ۾ موجوده حڪومت کي معيشت جنهن حال ۾ ملي اها تمام خراب هئي پر هر ايندڙ حڪومت کي اهڙن چيلنجن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي. پارٽي ورهائڻ واري سوال جي جواب ۾ خالد مقبول صديقي چيو ته ليڊرن جي ايتري اوقات ئي ناهي جو تنظيم کي تقسيم ڪري سگهن هاڻي تنظيم کي ڪارڪنن جوڙيو آهي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن پارٽي جي اڳوڻي ڪنوينر فاروق ستار چيو هو ته سربراهه ڊمي آهي ڇاڪاڻ ته پارٽي جي وڏن کي ڊمي سربراهه گهرجي موجوده پارٽي سياسي بحران جي نتيجي ۾ تقسيم ٿي چڪي آهي ۽ هاڻي ايم ڪيو ايم ڪراچي کان علاوهه ايم ڪيو ايم حيدرآباد جو وجود به سامهون اچي چڪو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو