ليزر ذريعي اکين جي آپريشن جي سهولت جو افتتاح

شهدادڪوٽ(شاهد اعواڻ) تعلقي اسپتال ۾ ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهداد ڪوٽ جاويد جاگيراڻي اکين جي ليزر ذريعي آپريشن ڪندڙ شعبي جو افتتاح ڪري مريضن ۾ دوائون ورهايون . تقريب کي خطاب ڪندي ڊي سي چيو ته اسين عوام جا خدمت گذار آهيون اسين چاهيون ٿا ته اسان جي هٿن مان غريبن کي فائدو ملي ۽ ان سان ئي خوشي آهي ، هن جو چيو ته اکين جي نور کان بغير انسان بيڪار آهي اکين جو نور هر انسان لاء ضروري آهي. ڊاڪٽر صاحب ٻڌايو ته مشين خراب آهي جنهن تي ڪافي خرچ اچي ٿو جيڪو مون پرسنل طور تي ڪوشش وٺي پنهنجي دوستن کي درخواست ڪري ان کي ٺهرايو جيڪا اڄ اسپتال ۾ موجود آهي هن چيو ته ڪوشش ۾ آهيان ته ايس اين اي ٺاهي اسپتال کي اپ گريڊ ڪرايان ۽ اسپيشل ڊاڪٽر مقرر ڪرايان ، هن چيو ته شهدادڪوٽ سياسي ، سماجي حوالي سان تمام اڳتي آهي ۽ ان جو پراڻو نالو آهي ، هاڻ سي پيڪ  روٽ جي ڪري شهدادڪوٽ کي وڌيڪ فائدو ملندو . جلد شهر جا روڊ ويڪرا ڪرائي شهرين جي ٽريفڪ جام جي آزار مان جان ڇڏرائبي هن چيو ته شهر کي چوڌاري بائي پاس جي ڪوشش ورتي آهي شهر کي ٻن پاسن کان باء پاس آهي جڏهن ته ٻن پاسن جي لاء به هن سال ڪم شروع ڪرائبو. افتتاحي تقريب ۾ اکين جي شعبي جي انچارج ڊاڪٽر عبدالستار وڌو خطاب ڪندي چيو ته، 1997 کان منهنجي مقرري ٿي آهي اڄ ڏينهن تائين اکين جي سرجري جاري آهي هن چيو ته کيس اسپتال ۾ سهولتن جي کوٽ باوجود پنهنجي مدد پاڻ تحت ۽ ڪجهه مخير حضرات جي تعاون سان هزارين ماڻهن جي آپريشن ڪري انهن کي نور جي نعمت ڏني آهي. اسپتال ۾ افتتاح بعد ڊي سي پريس ڪلب شهدادڪوٽ جو دورو ڪري صحافين جا مسئلا ٻڌا ان موقعي تي پريس ڪلب جي صدر غني مجاهد ڏيٿو ، جنرل سيڪريٽري عدنان ڀٽي ، نيشنل پريس ڪلب جي قائم مقام صدر شبير ڪمبوه  ۽ ٻين پريس ۽ صحافين جي مسئلن  بابت کين آگاه ڪيو ان موقعي تي ڊي سي قمبر شهدادڪوٽ جاويد جاگيراڻي پاران ايندڙ سال جي بجيٽ ۾ 30 لکن جو پريس ڪلب جي فلاح بهبود لاء ٽينڊر ڏيڻ جو پڻ اعلان ڪيو. هوڏانهن پريس ڪلب آڏو ميونسپل لائبريري ۾ پڙهندڙ شاگردن پاران احتجاج ڪري لائبريري وزٽ ڪرائي سهولتن جي کوٽ ۽ جانورن جي اسپتال ۾ ٺهندڙ لائبريري جي بند ٿيل ڪم بابت آگاه ڪيو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو