لياري ندي تي قبضو ڪندڙ 4 ڄڻا گرفتار 10 ٽرڪون چالان

ڪراچي (رپورٽ  باغي ساگر پنهوار) دي سي ڪياماڙي لياري ندي تي قبضو ڪندڙ 4 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪرائي سندن 10 ٽرڪون چالان ڪري  ڇڏيون. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر مختيار علي ابڙو چيو ته ڪنھن کي به شھر ۾ غير قانوني اڏاوتن ۽ قبضن جي اجازت نه ڏني ويندي. هن اسسٽنٽ ڪمشنر بشيراحمد ابڙو  ۽ ٻين آفيسرن سان گڏ لياري ندي ۾ آپريشن ڪري  ٻيلي کاتي پاران پوکيل ٻوٽن جي ڀرسان ٽرڪ ۔ڊمپر۔۽ ٽرالرن پارن قبضو ڪري ندي ۾ غير قانوني طور مٽي وجھي قبضي جي ڪوشش ڪندڙ چئن ماڻھن کي گرفتار ڪري ۽ ڏھن ٽرڪن کي چالان ڪيو . ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي مختيار علي ابڙو چيو ته ڪنھن کي به شھر توڙي ندي نالين مٿان قبضي جي اجازت نه ڏني ويندي ھن چيو بلاول ڀٽو زرداري جي ھدايتن تي ٻيلي کاتي پاران ندي ۾ ٻوٽا پوکيا ويا آھن ھن چيو ته ڪجھ قبضا مافيا ندي جي پيٽ ۾ گاڏيون بيھاري قبضي جي ڪوشش ڪئي جن خلاف ڪاروائي ڪئي آهي. هن چيو ته شھر ۾ خوبصورتي پيدا ڪرڻ لاڻ وڻ ۽ ٻوٽا پوکيا پيا وڃن ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر بشير عباسي چيو ته ماضي ۾ ندين نالن تي قبضا ڪيا ويندا ھئا پر ھاڻي جنھن کي به قبضي جي اجازت نه ڏني ويندي ھن چيو ته ڪجھ ڏينھن اڳ لياري ندي مان غير قانوني مال پڙي جو خاتمو ڪيو ويو ھو.

پهنجو تبصرو موڪليو