لوڪ فنڪار شوڪت علي جو علاج سنڌ ۾ ڪرائڻ جي آڇ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پنجاب جي مڊهور لوڪ فنڪار شوڪت علي جي پٽ امير شوڪت کي فون ڪري سندس بيمار والد جي عيادت ڪئي. وڏي وزير شوڪت علي جو علاج گمبٽ اسپتال ۾ سنڌ سرڪار جي خرچ تي ڪرائڻ جي آڇ به ڪئي. وڏي وزي چيو ته شوڪت علي ملڪ جو اثاثو آهي . وڏي وزي جي ميڊيا ڪنسلٽنٽ رشيد چنا موجب شوڪت علي جگر جي مرص ۾ مبتلا آهي ۽ پنجاب ۾ سندس علاج هلندڙ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو